جسقم طرفان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي:- جسقم جي مرڪزي سڏ تي جسقم جي مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام ۽ ٻين ڪارڪنن جي آزادي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ڪوٽڙي ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساجد سنڌي، لطف الله سيال، نبيل چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي وارثن به شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گم ڪيل اڳواڻن جي گهرن ۾ قيامت جهڙا منظر آهن، ڇو ته سندن وارثن کي اها خبر نه آهي ته سندن پيارا جيئرا آهن يا مري ويا آهن. هنن چيو ته اڳواڻن کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪا انساني حقن جي لتاڙ آهي. لاڙڪاڻي ۾ جساف جي مرزڪي صدر اشرف ڪلهوڙو، اطهر سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.دادو ۾ منصور جمالي، هارون پنهور ۽ ٻين جي ااڳواڻي ۾ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو. جساف پاران رتو ديرو ۾ علي رضا عارباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مورو ۾ امتياز کوسو، امين ڪلهوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڏوڪري ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي رڪ سنڌي، شهمير گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. قاضي احمد ۾ جسقم پاران پير نعيم اسلم سنڌي، سڪندر علي ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو.