هالا ۾ آزاد ڪيو ويو آهي : ديدار شام : رياستي ادارن هٿان کنڀي گم ڪيل جسقم جي مرڪزي پريس اڳواڻ ديدار شام هالا مان بازياب

حيدرآباد:اڄ رات دير سان جسقم جي مرڪزي پريس اڳواڻ ديدار شام کي هالا ۾ آزاد ڪيو ويو جنهن فون تي رابطو ڪري ٻڌايو ته مونکي هالا ۾ آزاد ڪيو ويو آهي۔ ياد رهي ته ڪوٽڙي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان ديدار شام رياستي ادارن هٿان کنڀي گم ڪيو ويو هو ان سان گڏ افضل سيال کي به کنڀيو ويو ۔افضل سيال کي ڪلهه رات ڄامشورو باء پاس تي ڇڏيو ويو جنهن کان بعد اڄ جسقم جي مرڪزي پريس اڳواڻ ديدار شام کي هالا ۾ آزاد ڪيو ويو جنهن فون تي رابطو ڪري ٻڌايو ته مونکي هالا ۾ آزاد ڪيو ويو آهي۔ جڏهن ته ساڳي ڏينهن تي جيئي سنڌ تحريڪ جي قائم مقام صدر عبدافتاح چنا ۽ عبدالهادي بڙدي کي کنڀي گم ڪيو ويو هو ڪجهه ڏينهن بعد عبدالهادي کي به رياستي ادارن ذهني تشدد ڪري آزاد ڪيو  پر اڃا تائين جيئي سنڌ تحريڪ جي صدر عبدالفتاح چنا رياستي ادارن جي قيد ۾ آهي جنهن جا وارث سخت پريشاني جي تڪليف ۾ آهن.