جرمني ۾ وزني ڪدو پوکڻ جو مقابلو

برلن : جرمني ۾ وزني ڪدو پوکڻ جو مقابلو منعقد ڪيو ويو، جيڪو هڪ هزار ڪلوگرام وزني ڪدو پوکيندڙ آبادگار کٽي ورتو. خانگي ٽي وي چينل موجب جرمني ۾ پوکن بابت اهو ميلو آڪٽوبر ۾ فصل تيار ٿيڻ کان پوءِ منعقد ڪيو ويندو آهي. واضح رهي ته جرمني گهمڻ لاءِ آڪٽوبر مهينو مناسب تصور ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان مهيني ۾ جرمني جو موسم بهترين هوندو آهي ۽ شين جا اگهه پڻ گهٽجي ويندا آهن.