جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 116هين سالگرهه تي اڄ قومپرست اڳواڻ سن پهچي گلن جي چادر چاڙهيندا

حيدرآباد :- جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي اڄ سن ۾ رٿيل 116 هين سالگره ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ باڊھه مان قافلا روانا ٿي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي چيئرمين سوڀ قمر ڀٽي ۽ دودو ديشي جي اڳواڻيءَ ۾ قافلي جي صورت ۾ سن پهچي سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي ويندي. هوڏانهن جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ جي اڳواڻيءَ ۾ پڻ قافلو سن روانو ٿي رهيو آهي ۽ جسلف جي مرڪزي چيئرمين نواز خان زنئور جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪن سيد جي مزار تي حاضري ڀريندا. جسقپ ۽ جسلف اڳواڻن موجب سن ۾ سالگره جي موقعي تي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ، جيئي سنڌ تحريڪ (صفدر سرڪي)، جيئي سنڌ تحريڪ (شفيع ڪرناڻي) پاران گڏيل جلسو منقعد ٿي رهيو آهي، جنهن کي ذڪر ڪيل پارٽين جا اڳواڻ خطاب ڪري رهيا آهن. ڏوڪري ۾ جسقم پاران سائين جي ايم سيد جي 17 جنوري تي سالگره جي حوالي سان مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي تفصيل موجب ڏوڪري ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ رڪ سنڌي،جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ شبير ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره جي حوالي سان مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ريلي سڄي شهر جو گشت ڪرڻ بعد حيدر چوڪ تي پهتي ان موقعي تي جسقم اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته   17جنوري تي سن ۾  رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ سن ۾ ڀرپور نموني سان ملهائي ويندي عوام ۽ ڪارڪنن صحافين ۽وڪيلن ڀرپور نموني شرڪت ڪندا. هنن چيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پاران سيد جي سالگره جي حوالي سان تياريون جاري مڪمل ڪري ڇڏيون آهن هنن چيو ته جسقم جي چيئرمين صعنان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي ويندي. سلامي ڏني ويندي سنڌ جي پاڻي ۽ ڪوئلي ۽ وسيلن تي ڌاڙا لڳندا رهن ٿا سنڌ ۾  بجلي جو بند هجڻ ۽ گيس جو پريشر گهٽائي پنجاب جي صنعتن کي گيس ڏني پئي وڄي وفاق عوام کي مهانگائي. بدامني۽ بنيادي مسئلن کي وڌئي ڇڏيو آھي هاڻي وري سنڌين کا ن روزگار کسيو پيو وڃي.