جبري گمشدگي قانون جي لتاڙ آهي، سيد سدائين عدم تشدد جو پيغام ڏنو آهي: جسم چيئرمين رياض چانڊيو

ملير:- جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته اسان ڪراچي کان ڪشمور تائين خوشحال سنڌ چاهيون ٿا، سنڌ جا وسيلا سنڌي ماڻهن تي خرچ ٿيڻ گهرجن، 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏيندڙ سنڌ جا ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، جبري گمشدگي قانون جي لتاڙ آهي، سائين جي ايم سيد سدائين عدم تشدد جو سنڌي ماڻهن کي پيغام ڏنو آهي، پ پ سنڌ ۾ ڀوتارڪي نظام رائج ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان به تعصب جي زبان ڳالهائي رهيو آهي، 27 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ نڪرندڙ تحفظ سنڌ ريلي ۾ سمورن سنڌ واسين کي ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪيان ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته بلديا سانحي ۾ 300 ماڻهن کي جيئرو ساڙيو ويو پر ڪيترا سال گذري ويا آهن هن واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي اڃا تائين سزا نه ملي سگهي آهي، ٻئي طرف سنڌ جي پرامن نوجوانن کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، کنڀي گم ڪيل نوجوانن جون امڙون، ڀينرون روڊن رستن تي سراپا احتجاج آهن پر ڪير ٻڌڻ وارو نه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ننڊن صوبن سان خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن سان ناانصافي ٿي رهي آهي، سنڌ جا وسيلا سنڌي ماڻهن تي خرچ نه ٿا ڪيا وڃن جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، بک بدحالي کان ماڻهو خودڪشي ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ بدامني عروج تي آهي، سنڌ کي خوشحال هئڻ جي باوجود وسيلا کسي برباد ڪيو ويو آهي، رياض چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن جو راڄ قائم ڪيون ويٺي آهي، پيپلز پارٽي سنڌ ۾ سرداري سسٽم کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي سنڌ ۾ اقتدار ۾ ويٺل سمورا وڏيرا زرداري سميت سنڌ سان سچا نه آهن، پاڪستان جو وزيراعظم به تعصب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ڪراچي ورهائڻ واري ايم ڪيو ايم جي نعري کي ڪڏهن به سنڌ جي عوام قبول نه ڪندي جيستائين سنڌي زنده آهن تيستائين سنڌ هڪ رهندي، سنڌي ماڻهو هميشه دنگن ۽ ننگن تان سِر ڏنا آهن، ان ڪري اسان کي ويساهه آهي ته سنڌ کي ڪوبه ماءُ جو لال ورهائي نٿو سگهي پر اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته عمران خان پنهنجي اتحادي ايم ڪيو ايم جي عامر خان ۽ مقبول صديقي واري زبان استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته 27 سيپٽمبر تي آچر جي ڏينهن سچل ڳوٺ کان هزارين ماڻهن جي تحفظ سنڌ ريلي شام 3 وڳي ڪراچي پريس ڪلب تي پهچندي، جنهن ۾ سنڌ پرست، قومپرست ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏئي رهيا آهيون ۽ اپيل به ڪيون ٿا ته هن تحفظ سنڌ ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي وڃي، ان موقعي تي غفار ميرجت، غلام قادر لغاري، فقير بشير شابراڻي ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا