جبري گمشدگيون ۽ رياست جوڪردار

                         سنڌ اندر ڪافي عرصي کان جبري گمشدگين وارو سلسلو جاري آھي،جنهن کي ڪو فل اسٽاپ نه ٿو اچي.سنڌ جا ڪيترائي نوجوان لاپتا ڪيا ويا آھن،جن جو اڃا تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آھي،جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهريان سنڌ جي نامياري اديب تاج جويو جي پٽ سارنگ جويو کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو،جنهن جو فقط  ڏوھه اهو هيو ته هُن کنڀي گم ڪيل ماڻهن سان همدردي ڏيکاري ۽ حق ۽ سچ لاءِ آواز اٿاريو.جيڪڏهن هو ڏوهي آھن ته کين ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪو مطالبو جائز به آھي ۽ انساني حقن جا قانون به ايئن چون ٿا ته جبري ۽ زبردستي کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي رياست جي ڪهڙي قانون مطابق گرفتار ڪيو وڃي ٿو.سارنگ جويو کي بنا ڪنهن سبب جي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو  ته ٻئي طرف سندس والد سائين تاج جويو صاحب کي ادبي خدمتن عيوض وفاقي حڪومت طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس صدارتي ايوارڊ جي لاءِ منتخب ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته سائين تاج جويي صاحب حڪومتي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته آءُ اهو ايوارڊ وٺڻ پسند نه ٿو ڪيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي پٽ کي بلاجواز جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين ڪيترن ئي نوجوانن کي بنا ڪهن سبب جي کنڀي لاپتا ڪيو ويو آھي، جنهن ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شي نه هجي، جنهن ملڪ ۾ سنڌو جو پاڻي ۽ سنڌ جا درياءُ ڪنهن جي قبضي ۾ هجن ۽ سنڌو تي ڊيم اڏڻ جون تياريون ٿينديون هجن، جنهن ملڪ ۾ ڌاريا آبادڪاري ڪنهن منصوبابندي تحت ٿيندي هجي، سنڌ جا وسيلا ڌارين جي قبضي ۾ ھجن ،سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي سرڪاري سرپرستي حاصل هجي ، اها حڪومت جنهن ۾ سنڌ مرڪز جي ڪالوني بڻيل هجي.تاج جويي چيو ته مان سائين جي ايم سيد جو شاگرد آھيان ۽ قومپرست سياستدان عبدالواحد آريسر جو دوست آھيان، تنهڪري  اهڙي قسم جو ايورڊ وٺڻ سنڌ سان غداري جي برابر آھي. ڪيڏي نه ستم ظريفي ۽ لاقانونيت آھي ته ماڻھن کي بلاجواز گهرن ۾ گهڙي رات جي تاريڪي ۾ کنڀي گم ٿو ڪيو وڃي،جنهن جي اجازت ملڪ جو ڪو به قانون نه ٿو ڏئي ته رياستي ادارا جنهن جو ڪم عوام جو تحفظ ڪرڻ هوندو آھي پر هي ته لاقانونيت آھي جو چادر ۽ چوديواري جو تقدس به نه ٿو رکيو وڃي ۽ بنا اطلاع ۽ قانوني جواز پيش ڪرڻ جي ماڻھن جي گهرن ۾ گهڙي نوجوانن کي کنڀيو وڃي ٿو، جيڪو رياستي ڏاڍ ۽ جبر آھي.جنهن لاءِ جيڪو به ماڻهو آواز اٿاري ٿو ته اهو کنڀيو ٿو وڃي،جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته اظهار جي آزادي تي به بندش آھي،جڏهن ته جمهوري حڪومتن ۽ جمهوريت جي تقاضا آھي ته هر ماڻهو کي اظهار جي آزادي هجي ۽ پنهنجا خيال پيش ڪرڻ ۾ بلڪل آزاد هجي ۽ بي خوف هجي ڇو ته جمهوري قدرن ۾ آزادي ھوندي آھي پر اسانجي ملڪ ۾ شايد جمهوريت يرغمال آھي ۽ جمهوريت جي جمهوري نظريي خلاف ڪم ٿين پيا.جمهوريت جو روح به تڙپندو هوندو، جمهوريت ۽ جمهوري حڪومتن ۽ ملڪن ۾ ماڻهو پنهنجي آزاد هجڻ جو حق استعمال ڪري سگهن ٿا پر اسان  وٽ قانون اهو آھي ته اسانجا هٿ، پير ۽ وات ٻڌل هجن ۽ اسان چپ جو روز رکي ويهي رهون ۽ ملڪ ۾ ماڻهن کي ڦٿڪندي ڏسون ، ملڪ م ٿيندڙ جبر، ڏاڍ، ظلم ۽ ناانصافين کي اکين سان ڏسندا هجون پر ڪڇڻو ڪجهه ناهي ، عقوبتون ۽ بربريتون سهڻيون آھن.

سنڌ ۾ روز بروز ڪٿان نه ڪٿان ماڻهو کنڀجڻ جون رپورٽون اچن ٿيون ته وري آزاد ٿي گهرن ڏانهن واپس به موٽن ٿا ته وري ٻيهر کنڀيا وڃن ٿا ، ته ڪي اڃا به قيد آھن،جنهن جي مٿان تشدد ڪيا ٿا وڃن ،جبري گمشدگيون نه صرف سنڌ جو مسئلو آهي پر هي معاملو پوري پاڪستان جو آهي.جتي هزارين ماڻھو کنڀجي ويا ، جنهن لاءِ ملڪ جي اعلي عدالتن پڻ ڪيترا ئي ڀيرا ان ڪيس جي پيروي ڪئي ۽  سيڪيورٽي ادارن کي اهو بار بار چوندا رهيا آهن ته جيڪي به ماڻهو سياسي يا غير سياسي بنيادن تي کنڀيا ويا آهن ۽ جيڪڏهن هو ڏوهي آهن ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ مٿن قانون ۽ آئين مطابق ڪيس هلايا وڃن. ڏوهي کي سزا ۽ جزا ڏيڻ جو اختيار ۽ فيصلا سازي جو اختيار به عدالتن کي آهي،  تنهنڪري کنڀي گم ڪيل کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي،

لاپتا ماڻهن جا وارث سخت پريشان ۽ بيچين  آھن.هو انصاف جي اوسيئڙي ۾ گهڙيون گذاري رهيا آھن.انهن کي اميدون ۽ آسون آھن ته سندن پيارا گهرن ڏانهن واپس ضرور موٽندا.انهي آس ۽ اميد تي پل پل جيئن ٿا ته ڪڏهن نااميدي ۽ مايوسي جي ڪن م ڦاٿل ھوندا آھن، جنهن سبب مايوسي انهن جي جيءُ کي جهوري وجهي ٿي.اهڙي پريشاني واري عالم ۾ زندگي گذاريندڙ وارثن جون عيدون به ماتم ڪندي گذريون جڏهن ته هڪ پاسي عيد جون خوشيون هيون ته ٻئي پاسي ماتم هيو ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي وارثن ڀائرن ،ڀينرون،پيرسن  والدين، انهن جي گهر وارين ۽ معصوم ٻچڙن جون عيدون به سڏڪن ۾ گذريون ۽ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن عيد ڏهاڙي به ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي گذاريو، جنهن سان همدردي طور انهي ڏک جي گهڙين ۾ سنڌ جي اديبن ، شاعرن، ليکڪن ۽ سماجي شخصيتن ڪيمپ تي پهچي وارثن سان گڏجي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.قانون جي ماهرن جو چوڻ آھي ته ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ قانون جي تحويل ۾ ورتل ماڻهو کي 24 ڪلاڪن جي اندر ڪورٽن ۾ پيش ڪرڻو هوندو آھي ۽ وڌيڪ عرصو نه ٿو رکي سگهجي پر اسان وٽ قانون جي قائدن جي لتاڙ ٿئي پئي ۽ قانون تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ قانون لاڳو ڪندڙ  ادارن جو فرض بڻجي ٿو، جنهن لاءِ اسان بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ ذات جي انسانيت جي ناتي پاڪسان جي وزيراعظم، پاڪستان جي بهادر فوج جي چيف آف آرمي اسٽاف ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ ملڪ جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

گلشن چانڊيو