جبري گمشدگين وارو جن وري بي قابو: شاگرد اڳواڻ حمز علي ۽ ڪاشف علي کنڀجي ويا

حيدرآباد ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ آواز اٿاريندڙ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ حمز علي چانڊيو کي حيدرآباد جي نسيم نگر چوڪ تان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته يوٿ ايڪشن ڪميٽي جو حيدرآباد ۾ شاگردن پاران مارچ ڪيو ويو هو جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن شرڪت ڪئي هئي، جنهن جي سرواڻي سنڌ نواز گهانگرو ،حمز علي چانڊيو سميت سوين شاگردن ڪئي هئي، يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگرو ڳالهائيندي چيو ته اسان کي مسلسل پريشرائيز ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ اڄ حمز علي چانڊيو کي ۽ ٽنڊوڄام يونيورسٽي مان شاگرد ڪاشف ڀٽو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، اسان جو ڏوهه بس اهو آهي اسان شاگردن جي حقن جي گهرج ٿا ڪيون جنهن تان اسان کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، اسان مطالبو ٿا ڪيو حمزه علي چانڊيو ۽ شاگرد ڪاشف کي آزاد ڪيو وڃي.