جبري گمشدگين خلاف سگهارو آواز سارنگ جويو سيڪيوريٽي اهلڪارن هٿان پنهنجي گهران کنڀجي ويو

ڪراچي : جبري گمشدگين خلاف سگهارو آواز سارنگ جويو سيڪيوريٽي اهلڪارن هٿان پنهنجي گهران کنڀجي ويو. رات دير سان 1 کان 2 وڳي ڌاري سادن ڪپڙن ۾ درجن کان وڌيڪ سيڪوريٽي اهلاڪارن گهر جا دروازا ٽوڙي داخل ٿي سارنگ مٿان تشدد ڪري کيس ڪنڊ ۾ ٻڌي سموري گهر جي تلاشي ورتي ۽ بعد ۾ تشدد ڪندا کيس گهيلي وٺي ويا. رات دير سان جيئن اها خبر سوشل ميڊيا تان سندس وني سهڻي جويو پاران ٻڌائي وئي ته سموري سنڌ توڙي دنيا مان سوشل ميڊيا تي ان واقعي جي مذمت ڪئي. سندس وني رات دير سان محمودآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ وئي پر خبر ڏيڻ مهل تائين ڪوئي به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو .