جبري گمشدگين جو عالمي ڏهاڙو: حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد :- ايڇ آر سي پي سنڌ چيپٽر، وائس آف مسنگ فورم ۽ جسقم آريسر پاران جبري گمشدگين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. جنهن ۾ اديبن پاران به شرڪت ڪئي وئي. ان کان اڳ جبري گمشدگين جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڌار ڌار ريليون به ڪڍيون ويون. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي سنڌ چيپٽر جي ڪنوينر امداد چانڊيو، اديب تاج جويو، ڌڻي بخش سولنگي، ايڊوڪيٽ پروين سومرو، اسد جروار، جسقم جي وائس چيرمين ارباب ڀيل  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جبري گمشدگين جي عالمي ڏينهن تي سنڌ جا ساڃاهه وند سنڌ بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن مان کنڀي گم ڪيل قومي، سياسي ڪارڪنن، شاگردن ۽ عام شهرين جي آزادي لاءِ سراپا احتجاج آهيون. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيلن تي جيڪڏهن ڪي الزام آهن  ته کين کليل عدالتن ۾ پيش ڪري ڪيس هلايا وڃن. گرفتار ٿيل نوجوانن جي والدين ۽ عزيزن کي ملاقات ڪرڻ ۽ پنهنجا ڪيس وڙهڻ لاءِ وڪيل ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. هنن مطالبو ڪيوته جبري کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙو، عاقب چانڊيو، شادي خان سومرو، مرتضيٰ جوڻيجو، شاهد جوڻيجو، رفيق عمراڻي، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، پنهل رضا ڀٽي ۽ ٻين کي جلد آزاد ڪيو وڃي.