جاچ آفيسر ڪڏهن عمري تي ۽ ڪڏهن اسلام آباد وڃي ٿو، ائين ئي ڪرڻو آهي ته نيب کي تالا هڻي ڇڏيو:چيف جسٽس

ڪراچي :- سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽي ام او قاسم آباد حاتم ملاح سوڌو 4 جوابدارن خلاف جاچ ۾ نيب آفيسر جي عدم پيشيءَ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي ڊي جي نيب کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته نيب جا جاچ آفيسر ڇا ڪندا آهن؟ ائين ئي ڪرڻو آهي ته نيب کي تالا هڻي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي ايم او قاسم آباد حاتم ملاح سوڌو 4 جوابدارن خلاف جاچ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران چيف جسٽس عدم حاضريءَ تي جاچ آفسر خليق الزمان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ڊي جي نيب ڪراچي کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا ۽ حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ڊي جي نيب پاڻ پيش ٿي جاچ جي حوالي سان تفصيل ڏئي.ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر آگاهي ڏني ته جاچ آفيسر عمري جي سعادت تي ويو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ واپس اچي ويندو، جنهن تي چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو جاچ آفيسر عمري تي ويندو آهي، ڪڏهن اسلام آباد ويندو آهي؟ جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو آهي ته نيب کي تالا هڻي ڇڏيو. جوابدارن خلاف انڪوائري هلي رهي آهي ۽ جاچ آفيسر اڃا تائين ڪرپشن ثابت ناهي ڪري سگهي، سڀني کي خبر آهي ته نيب جا جاچ آفيسر ڇا ڪندا آهن؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي جي نيب ڪراچي کي طلب ڪندي ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.