جاپان ۾ ٻوڏ سبب 35 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

This picture shows inundated houses due to heavy rain in Hitoyoshi, Kumamoto prefecture on July 4, 2020. - Fourteen people were feared dead at a nursing home in western Japan on July 4 as record rainfall triggered massive floods and landslides, forcing authorities to issue evacuation advisories for more than 200,000 residents. (Photo by STR / JIJI PRESS / AFP) / Japan OUT (Photo by STR/JIJI PRESS/AFP via Getty Images)

ٽوڪيو  :- جاپان جي ڏاکڻي حصي ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇِپون ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 35 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي گم آهن. ريسڪيو اختيارين موجب هيلي ڪاپٽرن ۽ ٻيڙين جي مدد سان ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي. ٽي وي تي ڏيکاريل فضائي منظرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رهائشي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال کي ڏسندي جاپان جي اولهه ٻيٽ ڪيشو جي اختيارين ٻه لک کان وڌيڪ مقامي رهواسين کي پنهنجا اجها ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.