جاپان ۾ سامونڊي طوفان سبب فوتين جو انگ 60 کان وڌي ويو

ٽوڪيو :- جاپان ۾ انتهائي طاقتور سامونڊي طوفان هاگيبيس سبب فوتين جو انگ 60 کان وڌي ويو.

اتر ۽ وچ وارن علائقن ۾ طوفان جي نتيجي ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ ٿيا آهن، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ماڻهو گم ٿيا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.

ٽوڪيو حڪومت متاثرن جي بحالي ۽ امدادي سرگرمين لاءِ خاص بجيٽ رکڻ تي غور ڪري رهي آهي.

سامونڊي طوفان سان گڏ تيز برساتن سبب اتر ۽ وچ جاپان جي لڳ ڀڳ ٻه سئو درياهن ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي، جڏهن ته 34 هزار گهرن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، ان سان گڏوگڏ هڪ لک 33 هزار گهر صاف پاڻي کان محروم آهن.