جاپان ۾ خطرناڪ سامونڊي طوفان 11 ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي

ٽوڪيو: جاپان جي گادي واري هنڌ ٽوڪيو ۾ خطرناڪ سامونڊي طوفان هگي بس جي ٽڪرائجڻ سبب 11 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو گم ٿي ويا آهن.

برطانوي خابرو اداري موجب سامونڊي طوفان(هگي بس) جاپان جي ڏاکڻي مغرب ۾ واقع ٻيٽ نما علائقي ايزو سان ٽڪرائجيو جيڪو 225 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اولهه طرف  وڌي رهيو آهي.

رپورٽ موجب طوفان کان پوءِ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت 128 زخمي جڏهن ته ڪيترائي گم ٿي ويا آهن. اختيارين طرفان 60 لک ماڻهن کي فوري طور تي لڏ پلاڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هگي بس طوفان سبب ڪيترائي وڻ زمين مان اکڙجي ويا ۽ ڪيترائي علائقا بجلي کان به محروم ٿي ويا. جڏهن ته طوفان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ايمرجنسي ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

ميڊيا رپورٽ موجب ڇنڇر جي ڏينهن جاپان ۾ 60 سالن جي دوران ايندڙ طاقتور ترين طوفان هگي بس سبب راڄڌاني ٽوڪيو سميت سموري ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ اچي چڪي آهي. طوفان سبب ڪيتريون ئي اڏامون ۽ ٽرينون ملتوي ڪيون ويون آهن جڏهن ته مارڪيٽون ۽ فيڪٽريون به بند ٿي چڪيون آهن.

ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي طوفان 1958ع ۾ جاپان ۾ ايندڙ ان طوفان کان به وڌيڪ طاقتور ٿي سگهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ 1200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت يا گم ٿي ويا هئا. ميٽرو لوجيڪل ايجنسي ٻوڏن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته طوفان سبب وڌيڪ رڪارڊ برساتون ۽ طوفاني هوائون به هلي سگهن ٿيون.