جاپان سامونڊي طوفان سبب ٽوڪيو هوائي اڏن تي 370 اڏامون رد

ٽوڪيو : جاپان ۾ سامونڊي طوفان هگي بيس اچڻ سبب آل نيپون ايئر ويز ٽوڪيو جي هانيدا ۽ ناريتا هوائي اڏن تي (اڄ) ڇنڇر تي ملڪ اندر اٽڪل 370 اڏامون متاثر ٿينديون. آل نيپون ايئر ويز امڪان ظاهر ڪيو آهي ته اوساڪا ۽ مرڪزي جاپان جي چوبو هوائي اڏي تي ڪجهه ملوڪ اندر اڏامون پڻ رد ڪيون وينديون. جاپان ايئر لائنز هانيدا، اوساڪا ۽ چوبو هوائي اڏن هفتي جي آخر دوران ڇهه اڏامون رد ڪري ڇڏيون آهن. هنن ان امڪان جو اظهار ڪيو آهي ته هانيدا، ناريتا ۽ چوبو هوائي اڏن تي ايندڙ ڪيتيرن ئي اڏامن کي رد ڪرڻو پئجي ويندو. جاپان ۾ ٻين ايئر لائنز پڻ چيو آهي ته امڪاني طور تي ڇنڇر ۽ آچر تي هو پڻ ڪجهه اڏامون رد ڪيون وينديون. ايئر لائنز مسافرن کي چيو آهي ته تازي معلومات لاءِ انهن جي واب سائٽ مسلسل چيڪ ڪندا رهن.