جاويد ڀٽي جي قاتلن کي سياسي پٺڀرائي حاصل, وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون

ڪراچي :- ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ مارجي ويل نوجوان جاويد ڀٽي جي قتل ۾ملوث مک جوابدار 8 ڏينھن گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا. سرجاڻي پوليس گرفتار ٿيل ھڪ جوابدار مدثر پٺاڻ کي عدالت ۾ پيش ڪيو.عدالت جوابدار کي چئن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. مقتول جي ڀائرن حنيف ڀٽي ۽ سليم ڀٽي ٻڌايو ته ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جوابدارن کي حڪمران جماعت جي پٺڀرائي حاصل آھي، جنھن سبب پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھي. ٻئي طرف مقتول جي وارثن سان عباسي اتحاد جو مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر شفقت عباسي، ايس اين پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين رمضان بليدي، سچوا جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالمالڪ چانڊيو، سولنگي ويلفيئر ڪراچي ڊويزن جي صدر اياز سولنگي، قادر ڏيپر، قائم الدين اڄڻ عبدالستار عباسي ۽ ٻين تڏي تي پھچي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ سھڪار جو يقين ڏياريو.