جاتي لڳ غريب ماءُ ٻچڙن لاءِ عيد جا ڪپڙا وٺڻ جي سگهه نه هئڻ تي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

جاتي := مهانگائي سبب جاتي لڳ ڳوٺ محمد عرس ٽيمڙو ۾ 25 سالا نوجوان عورت پروين زال خدا بخش ٿهيمور پنهنجي ٻن معصوم پٽن جي لاءِ عيد جي خريداري جي سگھ نه هئڻ ڪري گهر اندر ڳچي ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي.اهڙو اطلاع جاتي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس جاءِ واردات تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو