جئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(آزاد سينٽرل) پاران جبري گم شده ماڻهن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب تي بک هڙتال

ڪراچي :- سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران دعا منگي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(آزاد سينٽرل) پاران ڪراچي مان اغوا ٿي ويل دعا منگي جي بازيابي، ڊاڪٽر نمرتا جي ڪيس انصاف نه ملڻ، تعليمي ادارن مان حراسمينٽ واري واقعن جي خاتمي، جوهي ۾ معصوم شاگردياڻي گل سماءَ کي مبينا سنگسار ڪرڻ ۽ جبري گم شده ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون 24 ڪلاڪن واري بک شروع ڪئي وئي. ان موقعي تي اسد جروار، ڊاڪٽر جي ايم ديشي، ندين ٻگهيو، زاهد ٿيٻو، وڪيل محب آزاد ۽ ٻين چيوته ڪراچي مان دعا منگي جو اغوا سنڌ حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي. هنن چيوته 7 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪراچي پوليس دعا منگي کي بازياب نه ڪرائي آهي. هنن چيوته ڊاڪٽر نمرتا واقعي ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي حراسمينٽ واري واقعب سبب نياڻين جي تعليم تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پيا آهن، هن قسم جي واقعن جي روڪڻ لاءِ سڀني ڌرين کي اڳتي اچڻ گهرجي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان جبري گم شده ماڻهن کي فوري طور ظاهر ڪيو وڃي، خانپور مهر جي خانگي اسڪولن جي شاگردن توڙي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن دودو مهر، هريش ڪانيا، خان محمد پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلسو ڪڍيو ويو. قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن، لائيرز فورم پاران ايڊووڪيٽ نواب الدين چانڊئي، شوڪت ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊي الهيار ۾ سول سوسائيٽي ۽ مختلف تنظيمن پاران دعا منگي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نهال عباسي، باغي ڪالرو، فدا چوهاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ٺاروشاهه ۾ ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگيءَ جي بازيابي لاءِ بخشل منگي، سرمد منگي، نصير ابڙي، منو منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. پير ڳوٺ ۾ به دعا منگي جي بازيابي لاءِ پرويز ميمڻ، علي حيدر شاهه، عامر جوڻيجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نصير آباد ۾ سول سوسائٽي پاران جبار آزاد منگي، ممتاز ڪلهوڙي، عنايت تنيي، علي گل ڪانڌڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڳچ ڏينهن گذرڻ باوجود  پوليس جوابدارن تائين نه پهچي سگهيو آهي. هنن چيو ته پوليس جاچ جو دائرو وڌائڻ بجاءِ رڳو مغوي ناري جي گهر ۽ دوست تائين جاچ کي محدود ڪري رکيو آهي. سندن چوڻ هو ته سنڌ پوليس پاران دعا منگي کي اغوا ڪندڙن تائين نه پهچڻ مان ڪارڪردگي جي پت وائکي ٿي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته جلد کان جلد دعا منگي کي بازياب ڪرائي سنڌ واسين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.، شهدادپور ۾ سول سوسائيٽي اڳواڻ سنڌ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ سومرو، سنڌ ادبي سنگت جي ساگر ڏهراج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نصير آباد ۾ جبار آزاد منگي، ممتاز ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ميرپور بٺورو ۾ جئي سنڌ لبرل فرنٽ طرفان معصوم نياڻي دعا ملاح جي قتل ۽ دعا منگي جي بازيابي لاءِ کورواهه اسٽاپ  وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.