ثناءُ الله عباسي آءِ جي خيبرپختونخواهه مقرر، نعيم خان کي هٽايو ويو

اسلام آباد: – سنڌ پوليس جو سٺي ساک رکندڙ آفيسر ثناءُ الله عباسي آءِ جي خيبرپختونخواهه مقرر. پيرائتي خبر موجب وفاقي حڪومت آءِ جي خيبرپختونخواهه محمد نعيم کي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي آءِ جي گلگت بلتستان ثناءُالله عباسي کي نئون آءِ جي خيبرپختونخواهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي.ڊاڪٽر محمد نعيم کي 11 مهينا اڳ آءِ جي جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو.وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. جنهن موجب آءِ جي گلگت بلتستان ثناءُ الله عباسي کي بدلي ڪري آءِ جي ڪي پي ڪي مقرر ڪيو ويو.نوٽيفڪشن موجب آءِ جي ڪي پي ڪي نعيم خان کي او ايس ڊي بڻايو ويو آهي، هن 11 مهينن تائين آءِ جي ڪي پي ڪي جون ذميواريون سنڀاليون هيون.ياد رهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جن 3 نالن تي سمري موڪلي وئي هئي ان ۾  پوليس سروس آف پاڪستان جو محمد طاهر، ثناءُالله عباسي ۽ محمد سليمان جا نالا شامل هئا.