ثقافت کاتي پاران ليکڪ حميد سنڌي جي ياد ۾ روح رهاڻ

حيدرآباد :- سنڌ جي ثقافت کاتي پاران بزم روح رهاڻ جي سهڪار سان، سنڌي ٻولي جي نامياري ڪهاڻيڪار، برک عالم، بزم روح رهاڻ جي سربراهه حميد سنڌي جي ياد ۾ 12 جنوري تي شام 4 وڳي سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺائي وئي آهي، تعزيتي ريفرنس ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ سميت عالم ۽ اديب حميد سنڌي جي زندگي ۽ ڪيل خدمتن تي روشني وجهندا، ريفرنس ۾ شرڪت لاءِ عام سڏ ڏنو ويو آهي.