تڪراري سي جي ڪئنال تي بجلي گهر ٺاهيو ، ارسا پاران اين او سي جاري

اسلام آباد : ارسا سنڌ جي اعتراض کي رد ڪندي تڪراري سي – جي ڪئنال تي پنجاب کي بجلي گهر ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ارسا جي ڊائريڪٽر آپريشنز محمد خالد ادريس رانا طرفان تڪرار چشما – جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي تعمير ڪرڻ لاءِ اجازتنامو (اين او سي) جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾لکيو ويوآهي ته 17 آڪٽوبر تي ارسا جي اجلاس دوران سي – جي لنڪ ڪئنال پِن بجلي گهر اڏڻ واري منصوبي تي مشاورت ڪئي وئي، جنهن ۾ اڪثريت راءِ سان تڪراري ڪئنال تي 25 ميگاواٽ جو بجلي گهر تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.
ارسا سنڌ جي اعتراض کي به رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سي – جي لنڪ ڪئنال انٽر پراونشل ڪئنال آهي، تنهن ڪري اُن تي بجلي گهر اڏڻ وارو معاملو ارسا جي اختياري دائري ۾ نٿو اچي. گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ سنڌ بجلي گهر ٺاهڻ واري منصوبي جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ۽ وفاق جي نمائندن منصوبي جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو. ارسا طرفان اجازتنامي جون ڪاپيز ميمبرز، نيپرا ۽ پنجاب جي توانائي کاتي ڏانهن به موڪليون ويون آهن.