تيز گام سانحي ۾ فوت ٿيل 13 سنڌ واسين جا مڙهه سوين آلين اکين سان دفنايا ويا

ڪراچي : رحيم يار خان ڀرسان تيز گام ايڪسپريس ۾ باهه لڳڻ واري واقعي ۾ فوت ٿيل سنڌ جي 13 ڄڻن جي مختلف شهرن ۾ تدفين ڪئي وئي، پٿورو واسي ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق بعد شهر ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو، ڪُنري واسي چار ڄڻن جا مڙهه ڳوٺ پهچايا ويا، ڪاروبار بند رکيو ويو، تعليمي ادارا به بند ڪيا ويا آهن، مختلف شهرن ۾ فوتين جا مڙهه پهچڻ جو سلسلو جاري آهي، تڏا وڇايا ويا آهن.ميرپورخاص جي فوتين جي تدفينرحيم يار خان ۾ ٽرين سانحي ۾ فوت ٿيل 8 ڄڻن جي مڙهن کي اباڻي قبرستانن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، فوتين ۾نواز پٺاڻ، محمد سليم، آفتاب ڀٽي، محمد شريف، عبدالطيف، وقار مري، خوشي محمد ڀٽي ۽ بلال اسلم شامل آھن، ميرپورخاص شھر سوڌو ضلعي ۾مختلفجڳھين ۽ ڪُنري توڙي پٿورو ۾ تڏا وڇايا ويا، فوتين جا مڙهه اباڻن ڳوٺن ۾ پهچڻ جو سلسلو جاري آهي، ميرپورخاص ۾ 8 ڄڻن جي تدفين ڪئي وئي آهي.ڪُنري جي چار فوتين جي تدفين، تعليمي ادارا ۽ ڪاروبار بند
تيز گام سانحي ۾ فوت ٿيل ڪُنري جي چئني فوتين جي جنازي نماز بعد تدفين، حليم عادل شيخ، نواب تيمور ٽالپر سميت عوام طرفان وڏي انگ ۾ شرڪت، چار جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ، گذريل ڏينھن رحيم يار خان ڀرسان تيز گام ايڪسپريس سانحي ۾ فوت ٿيل ڪنري واسي چار ڄڻن بلال اسلم آرائين، آفاق ڀٽي، خوشي محمد ڀٽي ۽ محمد شريف آرائين جا مڙھ اباڻي ڳوٺ پھچي ويا، چئني فوتين جا جنازي نماز پبلڪ پارڪ ڪنري ۾ ادا ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ، ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ سميت علائقي جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. فوتين جي سوڳ ۾ تعلقي جا تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رھيا. 

ٽرين سانحي ۾ پٿورو واسي 3 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق
لياقت پور ٽرين کي باھ لڳڻ واري سانحي ۾ پٿوري تعلقي جي ڳوٺ عبدالحڪيم آريسر جي رھواسي 3 ڄڻن عبدالجبار عبدالوحيد ۽ عبدالرحمان آريسر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ پٿورو شھر ۾ اڄ ڪاروبار مڪمل طور بند پيل آهي، جڏھن ته فوت ٿيلن مان ھڪ فوتي عبدالجبار جو لاش ڳوٺ پهچڻ وارو آهي، ٻن فوتين جا لاش اڃا تائين نه ملي سگهيا. وارثن جي سڃاڻپ لاءِ وارث لياقت پور ڊي اين اي لاءِ پهتل آهن.

ٽنڊي ڄام ۾ ٽرين سانحي ۾ فوت ٿيل فوجي جوان جي تدفين
تيز گام ٽرين سانحي ۾ فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو، فوجي اعزاز ۾ تدفين، فوجي جوان نويد قائمخاني موڪل ختم ٿيڻ بعد واپس ٽرين ۾ ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته باهه لڳڻ دوران ريل گاڏي ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، مٿي ۾ ڌڪ لڳو، امداد ڪارواين دوران نويد قائمخاني کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، نويد قائمخاني جو لاش رات دير سان ٽنڊي ڄام آندو ويو، نويد قائمخاني جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس فوجي اعزاز سان دفنايو ويو. نويد قائمخاني هڪ سال اڳ ئي شادي ڪئي هئي، نويد قائمخاني ٽنڊي ڄام جي مظفرآباد واري علائقي جو رهواسي هو.