تيزگام سانحي ۾ ميرپورخاص جي لاپتا ٿيل 46 ڄڻن مان 30 ڄڻن جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ سان سڙي فوت ٿيڻ جي تصديق

ميرپورخاص :- تيزگام سانحي ۾ ميرپورخاص جي لاپتا ٿيل 46 ڄڻن مان 30 ڄڻن جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ سان سڙي فوت ٿيڻ جي تصديق، 07 مڙه پهرين پهچي چڪا ، 16 لاپتا شهرين جون ڊي اين اي رپورٽون پڌريون نه ٿيون ،تصديق ٿيل 30 ڄڻن جا مڙه ميرپورخاص روانا ڪيا ويا لاش پهچي ويا ، ڊپٽي ڪمشنر آفيس پاران 25 ڄڻن جي سڙي فوت ٿيڻ جي تصديق،

فوت ٿيلن جي گهرن ۾ ڪهرام متل ، وارثن پاران جهاز ۾ مڙھ آڻڻ لاءٌ ڪمشنر آفيس ۽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرا، جنازي نماز ۾وڏي وزير ۽ گورنر سنڌ جي اچڻ جوامڪان. لياقت پور ۾ تيزگام ٽرين حادثي ۾ ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ  واسي 46 ڄڻا گم ٿيل هئا جن جي وارثن پاران رحيم يار خان ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءٌ نمونا ڏنا هئا جنهن جي رپورٽ اچڻ سان 30 ڄڻن جي سڙي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

جن ۾ سعيدالرحمان، محمد اسلام، عبدالرحيم ، رفيق شيخ، محمد نديم ، سعيد خان، سهيل اقبال ،عديل اقبال ،قاري عبيدالله ، عطاءٌ الله، واحد رحيم ، عبدالڪريم ، شفيق احمد، وقار، محمد معاذ، حسن مري ، محمد عرفان ،محمد محسن ، شاهد ، وسيم ، عبدالستار ، نذير احمد ساريو، راڻا محمد اسلام ، مولانا قاري مقبول احمد ، محمد سليمان ، مصطفيٰ، قاري هارون رشيد ، معاويه ۽ ثناءٌ الله شامل آهن.

جڏهن ته ميرپورخاص واسي 16 ڄڻن جن جي وارثن ڊي اين اي ٽيسٽ ڏني پر انهن جي اڃا تائين رپورٽ پڌري نه ٿي سگھي آهي ٻيطرف ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ لاپتا ماڻهن جي وارثن 42 ماڻهن جي رپورٽ ڪرائي هئي جنهن مان 25  لاپتا ماڻهن جي سڙي فوت ٿيڻ جي تصديق  ڪئي ويئي آهي .

ڊپٽي ڪمشنر آفيس پاران مقرر ڪيل فوڪل پرسن شهاب اسلام رحيم يار خان اسپتال مان ميرپورخاص واسين جا 24 مڙھ وصول ڪري ميرپورخاص لاءٌ روانو ٿي چڪو آهي مڙھ مڙه دير سان پهچايا ويا ، جن جي اجتماعي جنازي نماز  گاما اسٽيڊيم ۾ پڙهائي ويندي جنهن بعد مڙھ تدفين لاءٌ وارثن حوالي ڪيا ويندا.

ميرپورخاص : تيزگام سانحي ۾ سڙي فوت ٿيلن جي تصديق ٿيڻ بعد وارثن پاران سڙي ويلن جا مڙه جهاز زريعي آڻڻ جو مطالبو ، ڊي سي آفيس ۽ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪندي سڙي فوت ٿيلن جي وارثن محمد حاجن ، لالا جاويد، وقار، فهيم ۽ ٻين چيو ته سڙي فوت ٿيلن کي هڪ هفتو گذري چڪو آهي.

جڏهن ته انتظاميه پاران مڙهن کي ايمبولينسن زريعي آڻڻ جو چيو ويو آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي ايمبولينس زريعي هتي مڙه پهچڻ تائين ڪيترائي ڪلاڪ لڳندا ان ڪري مڙه وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.

هنن وزير اعظم پاڪستان ، پنجاپ جي وڏي وزير، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته فوت ٿيلن جي مڙهن کي فوري طور هوائي جهاز زريعي آندو وڃي  ميرپورخاص: رحيم يار خان مان لاش روانا ڪرڻ جي حاصل ڪيل رپورٽ موجب ميرپورخاص 26 مڙه روانا ڪيا ويا ،

ڪراچي لاءٌ 04 مڙه روانا ڪيا ويا ، سانگهڙ لاءٌ 02 مڙه روانا ڪيا ويا ،عمرڪوٽ لاءٌ 03 مڙه روانا ڪيا ويا ۽ ٽنڊوالهيار جو هڪ مڙه روانو ڪيو ويو، شڪارپور لاءٌ 03 مڙه روانا ڪيا ويا ، لوڌران لاءٌ هڪ مڙه روانيو ڪيو ويو اهڙي طرح ٽوٽل 40 مڙه روانا ڪيا ويا آهن.

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پهچندڙ 30 سڙي فوت ٿيلن جا مڙهن جي جنازي نماز گاما اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي ويندي جتي جنازي نماز جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن صفائي ڪرائي فائر برگيڊ گاڏين سان ڇٽڪار ڪئي ويئي آهي  .جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا.

ميرپورخاص: ضلعي انتظاميه پارٽين جي زريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته جنازي نماز ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاه ۽گورنر سنڌ عمران اسماعيل ،متحده سربراه وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال، ايم اين اي ميرمنور ٽالپر، ايم پي اي ذولفقار شاه ،،سابقا وفاقي وزير پير آفتاب حسين شاه جيلاني، سابق ايم پي اي ڊاۡڪٽر ظفر ڪمالي ،  پي ٽي آئي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سميت ٻيا وفاقي توڙي صوبائي وزير جي شرڪت جو امڪان آهي.