توشا خان ريفرنس:نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ جاري،زرداري کي پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد:- احتساب عدالت توشا خان ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر 1 جي جج سيد اصغر علي توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نواز شريف جي گهر جاتي امرا تي هن جي طلبي جا نوٽس موڪليا ويا هئا پر نواز شريف جي گهر تي مقرر گارڊ عبدالمجيد نوٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.عدالت نواز شريف جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته آصف زرداري جي رڳو هڪ ڏينهجن جي حاضري کان ڇوت جي درخواست منظور ڪئي وئي.احتساب عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نواز شريف، آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني، انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ پيش جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ريفرنس جي نقل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.