تهران ۾ جنرل سليمانيءَ جي جنازي نماز پڙهائي وئي، اڄ تدفين ٿيندي

تهران:- آمريڪي حملي ۾ مارجي ويل ايراني ڪمانڊر جنرل قاسم سليمانيءَ جي جنازي نماز ۾ هزارين ايرانين شرڪت ڪئي. ايراني ميڊيا موجب ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ القدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليمانيءَ ۽ سندس ساٿين جي جنازي نماز ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ايران جي صدر حسن روحاني کانسواءِ اسپيڪر پارليامينٽ، چيف جسٽس سوڌو اعليٰ عسڪري قيادت، حڪومتي شخصيتن ۽ هزارين شهرين شرڪت ڪئي. جنرل قاسم سليماني کي اڄ پنهنجي اباڻي شهر ڪرمان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ٻئي پاسي برطانوي اخبار موجب مشهد ۾ جنرل قاسم سليمانيءَ جي جنازي جي منتظمن پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سر جي قيمت 8 ڪروڙ ڊالر مقرر ڪئي. منتظيمن جو چوڻ هو ته هن وقت ايران جي آبادي 8 ڪروڙ آهي ۽ ان حساب سان ٽرمپ کي قتل ڪرڻ واري کي 80 ملين ڊالرز جي رقم انعام طور ڏني ويندي. هنن ايراني قوم کي اپيل ڪئي ته هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊالر عطيو ڪن. هوڏانهن ايران جي اسيمبلي ۾ ميمبر ابور ترابي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان ايران جي 52 ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ واري ڌمڪي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته جوابي ڪارروائي ۾ آمريڪي سرزمين تي حملو ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان وٽ طاقت آهي ۽ اسان مناسب وقت تي ضرور جواب ڏينداسين وائيٽ هائوس تي به حملو ڪري سگهون ٿا.