تنگواڻي ۾ ٻن وحشين جي 8 سالا نياڻيءَ سان زيادتي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل

تنگواڻي :- تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڀرسان ڳوٺ عبدالرشيد بکراڻي ۾ 2 وحشي جوابدارن پاران   8ورهين جي نينگري رابعا ڌيءَ  جونسال بکراڻي سان مبينا زيادتي ٿي آهي،  زيادتي سبب نينگري بيهوش ٿي وئي ، واقعي بعد جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا ، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري  ڇڏيو.  جڏھن ته وارثن پاران نينگري کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، وارثن پاران واقعي جو تنگواڻي پوليس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ورتو . نيگري جي چاچي عبدالرشيد دانهيندي چيو ته جوابدارن معصوم ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻايو آھي جوابدارن کي ڦاسي جي سزا ڏني وئي . جڏهن ته معصوم ٻارڙي جي حالت خراب ٿيڻ سبب ان کي وارث سکهر اسپتال کڻائي ويا آھن جڏهن ته پوليس پاران وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائي وئي  . تنگواڻي ۾ ٻارڙي سان زيادتي واقعي کان پوء علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو .