تنگواڻي ۾ وڌيڪ هڪ ٻار کي پوليو وائرس جي تصديق: شهر ۾ 2 ٻار وائرس جو شڪار

تنگواڻي : تنگواڻي ۾ هڪ ٻئي ٻار کي پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي. ڳوٺ فضل محمد حاجاڻو ۾ اڍائي ورهين جي نينگر فائق علي ولد شاهنواز جکراڻي کي پوليو جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هڪ هفتي اندر تنگواڻي ۾ 2 ٻارڙا پوليو وائرس جو شڪار ٿي ويا. ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته نينگر فائق جون ڄنگهون ڪمزور ٿيڻ بعد رت جا نمونا وٺي اسلام آباد ليبارٽري موڪليا ويا هئا، جنهن جي رپورٽ ۾ کيس پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نينگري لاڏو ڌيءُ بدلو کي به پوليو جي تصديق ٿي هئي.