تنگواڻي ۾ رولو ڪتن جو آزار، ٻن ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو، هڪ ڊپ مان شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، فوت

تنگواڻي :- شهر جي ملڪ بازار ڀرسان رهندڙ سانگهڙ واسي لاڏائو فقير عنايت الله بروهي جي ٻن پٽن   کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، ڪتي جي ڏاڙهڻ بعد  هڪ نينگر عمر فاروق خوف مان  تنگواڻي شاخ ۾ ڪري پيو، جيڪو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو ۽  ٻيو ڀاءُ واجد علي پٽ عنايت الله بروهي ڪتي ڏاڙھڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو جنهن کي ويڪسين لڳائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش پهچڻ  تي لاڏائو فقيرن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، معصوم ٻارن ۾ خوف پئجي ويو، وارثن دانهيندي چيو ته ڇتي ڪتن جو آزار آهي اسان نينگر فوت ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڪتن خلاف مهم هلائي وڃي.