تفريحي ماڳن مري، سوات ۽ ٻين هنڌن تي برفباري جو سلسلو جاري، سوات ۾ ڪالام روڊ ٽريفڪ لاءِ بند: برفباري سبب ريسٽورنٽ به بند

ڪراچي:- ملڪ جي تفريحي ماڳن مري، سوات ۽ ٻين هنڌن تي برفباري جو سلسلو جاري، سوات ۾ ڪالام روڊ ٽريفڪ لاءِ بند: برفباري سبب ريسٽورنٽ به بند ٿي ويا، ڪي پي جي سياحت واري کاتي سياحن لاءِ نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو، سياحت کاتي چيو آهي ته پشاور، گليات، شانگلا ۽ ٻين علائقن ۾ برفباري جاري آهي، سياح مڪمل تياري سان سفر ڪن ۽ رات جو غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي