تعليمي سجاڳي جو ڏينهن : ليکڪ آخوند نور احمد ڏهوٽ

دنيا جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اسان کي ترقي جا آثار اتي نظر ايندا جتي جي تعليم بهتر ۽ مؤثر آهي، دنيا جي مهذب قومن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آڻي پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪنهن به ٽيلينٽ جي کوٽ نه آهي، جيڪڏهن پنجاهه کان ستر واري ڏهاڪي تي نظر وجهنداسين ته به وڏا وڏا عالم ۽ استاد پيدا ٿيا ۽ انهن بهترين شاگرد پيدا ڪيا پر افسوس هن ڳالهه جو آهي ته هن جديد دور ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ به اسين تعليمي ميدان ۾ دنيا جي پوئتي پيل ملڪن جوماليه ۽ روانڊا ملڪن سان گڏ بيٺا آهيون. جيان ٻي عالمي جنگ ۾ تباهه ٿي ويو هو پر اڄ دنيا سان گڏ بيٺو آهي. چين جو مثال اسان جي اڳيان آهي، هندستان ۽ بنگلاديش ڪڏهن آزاد ٿيا آهن ۽ انهن جي تعليم اسان کان گهڻو بهتر آهي، اسان به تبديل ٿيڻ ڇاهيون ٿا. 8 جنوري جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي سنڌ ۾ ريلون ۽ سيمينار ڪري سڀني ماڻهن ۾ اها سجاڳي پيدا ڪرڻي آهي ته سٺي تعليم۽ بهتر پاليسيون ٺاهيون وڃن، ايمرجنسي نافد ڪري اهڙا قدم کنيا وڃن جن سان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ شاگردن ۾ تبديلي اچي سگهي. دنيا جي عظيم ڏاهي چيو ته تعليم اهڙو هٿيار آهي جنهن سان دنيا کي فتح ڪري سگهجي ٿو. لبنان جي ڏاهي خليل جبران چيو ته ننڍن ذهنن ۾ هميشه خواهشون ۽ وڏن ذهنن ۾ هميشه مقصد هوندا آهن. تعليم کي اهم مقصد سمجهي ان لاءِ جاکوڙ ڪئي وڃي. استاد پيغمبري پيشو آهي، انهن کي سهولتون ڏئي ڌرتي ماءُ جي مستقبل جي معمارن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏئي انهن جي زندگي ٺاهين. استادن کي ڪورس ڪرايو، انهن کي ايوارڊ انڪريمينٽس ۽ هيڊ ماستر کي پاور ڏئي بهتر نتيجا وٺو. جيڪي به استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن انهن کي ريگيولر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن ڪنهن ساک واري اداري جو امتحان پاس ڪيو آهي. هر دفعي استاد احتجاج ڪندا نظر اچن ٿا، انهن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ کين پڪو ڪيو وڃي ٿو. آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس هيڊ ماستر کي پڻ پڪو ڪيو وڃي. هن معاملي ۾ استاد تنظيمن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. نصاب کي اپڊيٽ ڪيو وڃي، ان ۾ نواڻ آندي وڃي. چيڪ اينڊ بيلنس رکيو وڃي، سفارش ۽ ڪرپشن کي ختم ڪري تعليم کاتي ۾ هر ڪم اهليت جي بنياد تي ڪيو وڃي. تعليم جي سڌاري لاءِ تعليمي ماهرن ۽ پراڻن استادن کان تجويزون ورتيون وڃن. تعليم کي بهتر ڪرڻ ۾اين جي اوز، والدين ۽ سول سوسائٽي کان تجويزون وٺي اسڪولن جي ماحول کي اڃا بهتر ڪري سگهجي ٿو. تعليم اسان جي گهرج نه پر اسان جو بنيادي حق آهي، اڄوڪو ڏينهن نسلن کي سنوارڻ جو ڏينهن آهي، ماڻهن کي اڄ روشن منزل جو دڳ ڏيکارڻ جو ڏينهن آهي. اڄ اسين سنڌ حڪومت ۾ ويٺل گونگن ۽ ٻوڙن وزيرن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته اسان به دنيا جي مهذب قوم آهيون جنهن جي تهذيب ۾ ثقافت جا پڙاڏا پوري دنيا ۾ هوندا آهن. اسين به تعليمي ميدان ۾ سڌريل قومن سان بيهڻ گهرون ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيترائي عمل فقط ڏيکاءُ لاءِ هوندا آهن، انهن ۾ سچائي گهٽ نظر ايندي آهي، اڄ اچو ته تعليم بچايون سنڌ بچايون. هن نعري کي عام ڪريون.

آخوند نور احمد ڏهوٽ