ترڪي ۾ سوين فوجي عهديدارن جي گرفتاريءَ جو حڪم

انقرا :-  ترڪ اختيارين گهٽ ۾ گهٽ 260 عسڪري عهديدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.جن عسڪري عهديدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، انهن ۾ بري، هوائي ۽ سامونڊي فوج جا ملازم شامل آهن. انهن تي شڪ آهي ته اهي 2016 جي ناڪام فوجي بغاوت ۾ ملوث هئا. انقرا اختياريون حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ان ڪوشش جي ذميواري مبلغ فتح الله گولن تي وجهنديون آهن، جنهن جي هو ترديد ڪندا آهن.گولن آمريڪا ۾ پاڻ مرادو جلا وطني جي زندگي گذاري رهيا آهن.