تحفظ سنڌ ريلي 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ڪڍي ويندي: رياض چانڊيو

ملير :- جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته 6 آڪٽوبر تي تحفظ سنڌ ريلي ڪراچي ۾ ڪڍي ويندي، ڪراچي کي 40 سالن کان ڦريندڙ لٽيندڙ ايم ڪيو ايم جو ٽولو اڄ عمران خان جي گود ۾ ويهي سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ڪراچي کان روشنيون کسي ڪراچي کي بند بورين ۾ لاش ڏيندڙ انهن دهشتگردن کي واضع ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪراچي سنڌ آهي، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سيد مسعود شاهه کي کنڀي گم ڪرڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته شهيد ارشاد رانجهاڻي جو ڪيس لوڙهڻ جي سازش آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب ۾ نئين چونڊجي آيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ملڪ تي وار ڪرڻ برابر آهي، سنڌ پاڪستان ٺاهيو آهي سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي ۽ ان خلاف سازش ڪندڙ ٽولو ملڪ خلاف سازش ڪري رهيو آهي، ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ڪوس گهر ۾ تبديل ڪري هزارين بيگناهه ماڻهو قتل ڪرايا ڪراچي جو امن تباهه ڪيو، اڄ ايم ڪيو ايم گروپن ورهائڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جي گود ۾ ويهي سنڌ خلاف سازشون ڪري رهي آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهن جي روزگار، ڊوميسائل، شناختي ڪارڊ تي بندش لڳائي هڪ ڪروڙ سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار آهن، سنڌ ۾ بيروزگاري، بک بدحالي جو راڄ آهي، سنڌي نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته گندگي صرف ڪراچي شهر جو مسئلو نه آهي پر پيپلز پارٽي جي 12 سالا دور حڪمراني ۾ سڄي سنڌ جا شهر گندگي جو ڊهير بڻيل آهن، هن چيو ته 6 آڪٽوبر تي جيئي سنڌ محاذ پاران ڪراچي ۾ تحفظ سنڌ ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن جي روزگار ۽ ڌارين جي نيڪالي سميت ٻيا سنڌ جا اهم مسئلا شامل آهن، ان موقعي تي ساڻس گڏ ممتاز بروهي، شوڪت سومرو، حيدر جتوئي، قادر لغاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.