تحريڪ انصاف گلگت بلتستان اليڪشن ۾ ڪلين سوئپ ڪندي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته سوات ۽ حافظ آباد جي جلسن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته عوام جو اسان تي اعتماد قائم آهي ۽ تحريڪ انصاف گلگت بلتستان اليڪشن ڪلين سوئپ ڪندي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پوليٽيڪل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ملڪي معاشي صورتحال ۽ حڪومت جي ميڊيا حڪمت عملي جو به جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان اقتصادي ٽيم کي معاشي ڪاميابين کي ميڊيا تي اجاگر ڪرڻ جي هدات ڪئي.وزيراعظم چيو ته اپوزيشن پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي، اپوزيشن مهانگائي متعلق حڪومت جي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهي آهي، انهن ئي ماڻهن جي غلط پاليسين جو نقصان اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي جڏهن ته سوات ۽ حافظ آباد جي جلسن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته عوام جو اسان تي اعتماد قائم آهي