تاج جويو ۽ شاعر فهميدا نسرين جي ڌيءُ طرفان سول ايوارڊ نه وٺڻ فاشسٽ پاليسي خلاف پيدا ٿيندڙ مايوسي جي عڪاسي ڪن ٿا: رضا رباني

اسلام آباد : اڳوڻي سينيٽر چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته اڳ ۾ تاج جويو طرفان پٽ جي گم ٿيڻ تي حسن ڪارڪردگي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو ويو، هاڻ شاعر فهميدا نسرين جي نياڻيءَ به صحافين جي اغوا ۽ تشدد تي مرحوم والدا جو ايوارڊ نه ورتو آهي. هن چيو ته ٻئي ڪيس فاشسٽ پاليسي خلاف پيدا ٿيندڙ مايوسي جي عڪاسي ڪن ٿا، جتي دانشور سوچ کي رياستي پاليسي تحت دٻايو وڃي اهو معاشرو مئل بڻجي ويندو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته تاريخ شاهد آهي ته جتي حڪمران اشرافيه، دانشورن جو ڳلو دٻايو اهو معاشرو تاريخ جي گند واري ٽوڪري ۾ هليو ويو.رضا رباني چيو ته هو خبردار ڪري ٿو ته دانشورن کي وڌڻ نه ڏنو ويو ته وفاق کي تباهي جي ڪناري تي آندو ويندو.