تاج بلوچ جو وڇوڙو

                         سنڌ جي عاشق سائين عطا محمد ڀنڀري جي وفات کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ڀلوڙ شاعر ۽ نامياري نقاد تاج بلوچ جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو خال آهي. جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. هو سنڌ جي انهن ڪوين ۾ شامل هو جن هر صنف تي بنا ڪنهن هٻڪ جي لکي پاڻ مڃرايو. سندس شاعري جي خوشبو سان سنڌڙي معطر ٿي چڪي آهي. سنڌي ادب ۾ هن شاعري لکندي درد ۾ ورتل دلين جي ترجماني ڪئي ۽ ٻي پاسي تنقيد کي اهميت ڏيندي شاگردي واري زماني کان نقاد طور پنهنجي حيثيت مڃرائي.سنڌي ادب ۾ اسان جنهن تاج بلوچ جا نظم وڏي رس ۽ چس سان پڙهيا ۽ معلومات جي کاڻ سان ٽمٽار سندس نثري تحريرون نظر کان گذاريون سو پنهنجي ادبي فن ۾ منفرد ڪردار جو شخص هو. سندس ذاتي زندگي جا احوال معلوم ڪبا ۽ ادبي رڪارڊ کولي ڏسبا ته سندس معلومات اسان جي اکين آڏو پڌري ٿيندي ته تاج محمد بُلو پني عاقل جي ڳوٺ سردار محمد مراد خان بُلي ۾ 25 مئي 1940ع تي پيدا ٿيو هو. جڏهن ته سرڪاري رڪارڊ موجب سندس جنم 4 اپريل 1938ع تي ڄاڻايل آهي. 

ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري هاءِ اسڪول پنوعاقل مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر کانپوءِ بي اي، ايس ايم ڪاليج ڪراچي مان پاس ڪري سرڪاري ملازمت ڪرڻ لڳو. خزاني کاتي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائيندي ٽريزري آفيسر جي عهدي تي رهيو.تاج بلوچ جي سڃاڻپ جا ته بي شمار حوالا آهن هو سٺي دوست، مطالعي ۽ حافظي ۾ تيز هئڻ سان گڏوگڏ سٺو شاعر ۽ ترقي پسند اديب هو. سندس تنقيدون ادب ۾ نه صرف ڄاڻ جي حوالي سان پر فني حوالي سان به پڙهندڙن وٽ قبول پيون. هن سوجهري رسالي جي  اشاعت ذريعي ڏيهه پرڏيهه ۾ جيڪا ادبي خدمت ڪئي سا ڳائڻ جهڙي آهي.تاج بلوچ شاگردي واري زماني کان وٺي شعر چوندو هو. مشاعرن ۾ وڃي غزل پيش ڪري داد حاصل ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي جو سندس سرجيل شاعري جو چڱو حصو ماهوار نئين زندگي ۽ ٽماهي مهراڻ جهڙن ادبي رسالن جي اوائلي شمارن ۾ به ڇپيل نظر اچي ٿو.سندس شاعري جي سرهاڻ هر صنف مان حاصل ڪري سگهجي ٿي. هو خوبصورت خيالن، مضبوط تشبيهن، وزنائتي فڪر ۽ سادن لفظن سان  شعر کي نرالو بڻائڻ جو فن ڄاڻيندڙ هو.

نوآباد جي “بزم مشاعرن“ ۾ شرڪت ڪري وڏن وڏن شاعرن جي سامهون شعر پڙهڻ واري دلچسپي سندس اهڙي اصلاح ڪئي جو “محفل احباب“ ۽ “بزم طالب الموليٰ“ جي اسٽيج تان سندس شعر ٻڌندڙن واتان واهه واهه چورائڻ لڳا:

سال ٿيا ڪو ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو،

گم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾ 

سندس شاعري تي تبصرو ڪندي مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته “تاج بلوچ جي تخليق ۾ اهي سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ بهترين غزل گو شاعر لاءِ لازم ٿي سگهن ٿا. سندس انداز بيان ۾ شوخي، دليري، بيباڪي، پختگي ۽ برجستگي آهي. تاج فني نقطئي نگاهه کان جماليات ۽ خمريات جو شاعر آهي، سندس فن ۾ قديم ۽ جديد خيالات ۽ فن جي آميزش آهي. ننڍن بحرن ۾ سندس دل ۾ چڀندڙ  بيتن ۾ عجيب جنبش آهي”.

محترم رسول ميمڻ، سندس شاعري تي پنهنجو رايو ڏيندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته “تاج بلوچ جي شاعري حقيقت جي ڳولها ۾ هيت بدلائي ٿي.هن جي شاعري علامتن جو روپ ڌاري سچ ۽ ڪوڙ کان مٿي /ڏسو صفحو 02 بقايا 1

هڪ نئون روپ اختيار ڪري چڪي آهي”.

تاج احساس جي گهرائي ڇهڻ وارو هو،

رنگ پوپٽ جا چپن تي ڪي ڇڏڻ وارو هو.

شخص گم آهي نگاهن جي هجومن ۾ ڪٿي،

زهر تنهائي جو ڪڏهين جو پيئڻ وارو هو.

سونهن ڪمزوري برابر ته  هئي تان بلوچ،

پر هو ڏاهپ تي مري ساهه ڏيڻ وارو هو.

شاعر کان سواءِ سندس سڃاڻپ جو هڪ پهلو نقاد جو به آهي. هن تنقيد جي علم ۽ فن سان گڏ سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري تي تنقيدي مضمون به تحرير ڪيا ته علمي تبصرا به لکيا. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ ۽ مقدما لکي نقاد جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايو. مٿس اهڙو اثر ان وقت کان پيو هو جڏهن هن سنڌي ادبي سنگت جون دستوري گڏجاڻيون اياز قادري جي چوڻ تي وٺڻ شروع ڪيون.ڊاڪٽر بدر اڄڻ پنهنجي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز “سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاري” ۾ لکي ٿو ته “تاج بلوچ سنڌ جي انهن نقادن مان هڪ آهي، جن تنقيد کي فن ۽ فڪر، نظرين ۽ اصولن جي رکپال جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو ۽ انهن مقصدن خاطر تنقيدون ڪيون. هي انهن ٿورن ليکڪن منجهان آهي، جن تنقيد ۽ نقاد جي موضوع تي لکيو آهي ۽ سندس اهڙيون لکڻيون سنڌي ۾ تنقيد کي متعارف ڪرائڻ جون ورهاڱي کانپوءِ ابتدائي ڪوششون چئي سگهجن ٿيون”. تاج بلوچ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سان به وابستا رهيو،هن سنڌي ادبي سنگت کان علاوه  ڪيترين ئي ادبي تنظيمن جي عهدن تي رهي پاڻ مڃرايو.تاج بلوچ سنڌ جي مشهور ادبي رسالي ماهوار ”سوجهري“ جو چيف ايڊيٽر ۽ “برسات“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ادبي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. افسوس جو سنڌي ادب جو هي روشن ستارو 4 جون 2020ع تي اسان کان موڪلائي گهڻو پري هليو ويو.

حسيب ناياب منگي