بيگم شميم اختر جو مڙهه پاڪستان پهچائڻ ۾ 3 ڏينهن لڳي ويندا

ڪراچي :- ن ليگ جي قائد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر جي تدفين پاڪستان ۾ ٿيندي، مڙهه پاڪستان پهچائڻ ۾ 3 ڏينهن لڳي ويندا، بيگم شميم اختر گذريل ڏينهن لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، لنڊن ۾ نواز شريف سان تعزيت جو سلسلو جاري، پنجاب حڪومت جو  شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي