بيٽا جمهورا بڻيل ملڪ جي جمهوريت؟

ترقي پسند ۽ رجعت پرست مڪتبه فڪر جا پيروڪار فرد جناح صاحب کي پنهنجي پسند مطابق تشريح ڪن ٿا. ليفٽ ۽ رائٽ ٻنهي ڌرين کي جناح صاحب جي ڳالهين مان پنهنجي پنهنجي پسند جو مواد ملي وڃي ٿو، ڇو ته جناح جو مذهبي ۽ سيڪيولر موقف موجود آهي. ڍاڪا ۾ 1906ع ۾ نواب سليم الهه جي دعوت تي اجلاس گهرايو ويو ۽ مسلم ليگ ٺهي. يو پي جو نواب وقارالملڪ پارٽي تي اثرانداز ٿيو. وزير حسن ۽ مولانا محمد علي جوهر، جناح صاحب کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو. مسلم ليگ ۽ جناح صاحب جي سياست صوبائي خودمختياري لاءِ به هئي. (سنڌ ۾ پوءِ اهو سياسي متو رسول بخش پليجي اپنايو.) مسلم ليگ ڪانگريس کان صوبائي خودمختياري جو مطالبو به ڪري رهي هئي. ڪانگريس اپر ڪلاس هندو اشرافيه ۽ مسلم ليگ نوابن ۽ جاگيردارن جي مفادن جي محاذ تي بيٺل هيون. 1946ع جي اليڪشن ۾ پنجاب ۽ سنڌ جا جاگيردار مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. مسلم ليگ جو عوامي ڪردار 1937ع کان 1946ع تائين آهي، جتي پمفليٽن ۽ جلسن جي صورت ۾ عوامي رنگ ملي ٿو، جناح صاحب مسلم اڪثريتي صوبن ۽ رياستن واري فيڊريشن جو مطالبو ڪيو هو.
پاڪستان 1940ع جي لاهور ٺهراءَ مطابق وجود ۾ آيو، جنهن ۾ States / Constituent Units جو Sovereign and Autonomous هجڻ جو ذڪر آهي، يا اها به پروف جي غلطي هئي؟ مسلم ليگ سنڌ جي صدر سائين جي ايم سيد سڀ کان اول 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايائين. پاڪستان جا فڪري بنياد قرادادِ مقاصد تي رکيا ويا. ان کانپوءِ سياست جي سڄي تاريخ ان آبجيڪٽوِريزوليشن جي اثر جي چوگهير ڦري ٿي. 1949ع جي قرادادِ مقاصد کان رياست جو نظرياتي تصور ترويج ڪندو رهي ٿو.
جناح صاحب جو اسرار هو ته ملڪ جو آئين جلد ٺهي، پر لياقت علي خان اقتدار کي ڊيگھ ويڪر ڏيڻ لاءِ لنوائيندو رهيو، ڇو ته عام چونڊن ۾ کين چونڊجڻ جا امڪان گهٽ هئا. هڪ افغان شهري سيد اڪبر لياقت علي خان کي 16 آڪٽومبر 1951ع تي راولپنڊي جي ڪمپني باغ ۾ قتل ڪيو، (ساڳئي باغ ۾ 56 سالن کانپوءِ بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو.) لياقت علي خان جي قاتل کي تڏي تي ماري راز کي راز ئي رهڻ ڏنو ويو. ( ۽ بينظير جي قتل جي جاءِ راولپنڊي فائر برگيڊ ڌوئي صاف ڪري ڇڏي.) لياقت علي خان قتل جي جانچ ڪندڙ آفيسر هوائي جهاز حادثي ۾ گذاري ويو ۽ قتل ڪيس جا ڪاغذ سڙي رک ٿي ويا.
1953ع ۾ گورنر جنرل غلام محمد ڪرپشن ۽ نااهلي جي الزام تحت خواجه نظام الدين جي حڪومت برطرف ڪئي. خواجه نظام الدين کي هڪ پاسي ڪري، محمد علي بوگرا کي آندو ويو. غلام محمد ۽ سڪندر مرزا مسند تي ويٺا. 22 نومبر 1954ع تي محمد علي بوگرا ون يونٽ جو اعلان ڪيو. 5 آڪٽوبر 1955ع تي ايڪٽنگ گورنر جنرل اسڪندر مرزا ون يونٽ جو آرڊر جاري ڪيو. 1955ع ۾ ٻي آئين ساز اسيمبلي وجود ۾ آئي. 1956ع ۾ پهريون آئين آيو. 1956ع وارو آئين 1958ع ۾ ٽوڙي، 7 آڪٽومبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي وئي، ۽ ايوب خان فوجي بغاوت ذريعي اقتدار ۾ آيو. 1958ع جي فوجي راڄ جو هڪ سبب ون يونٽ واري انتظامي ڍانچي کي برقرار رکڻ هو. 1 جولاءِ 1970ع تائين ون يونٽ لاڳو رهيو. عوامي مزاحمت جي رد عمل ۾ صوبا بحال ڪيا ويا.
ايوب خان مسلم جديديت پسندي جو حامي هو، اقتدار جي رسائي لاءِ مسلم ليگ کي استعمال ڪيائين. اسٽيل ملز سوويت يونين جي سهڪار سان ايوب خان جي دور ۾ ٺهڻ شروع ٿي. پير علي محمد راشدي، ايوب خان کي مشورو ڏنو هو ته هو تاحيات بادشاھ ٿي پيو راڄ ڪري. 1965ع جي صدارتي اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو مادرِ ملت فاطمه ڀٽو جي مقابلي ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان جو ساٿ ڏنو هو. فاطمه جناح ڌانڌلي جي باوجود ڍاڪا ۽ ڪراچي مان کٽيو هو. ايوب خان کان ذوالفقار علي ڀٽي وزارت جي آفر قبول ڪئي، ۽ ون يونٽ جي حمايت ڪئي. ايوب خان سياستدانن تي بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو الزام هڻي ان نيت سان مارشل لا هنئي ته هو تبديلي آڻيندو، پر ادارن جي جوڙجڪ بهتر نه ٿي ۽ عوام ان خلاف احتجاجي ٿي پيو. هو مجبور ٿي اقتدار تان مستعفي ته ٿيو پر 1969ع ۾ اقتدار يحيي خان حوالي ڪيو، جنهن مارشل لا لاڳو ڪيو. 1962ع جو آئين ختم ڪيو ويو. 1962ع وارو آئين ايوب خان جي ڪابينه جي ڪجھ وزيرن جي ڪميٽي ٺاهيو هو.
ڀٽي سياست جي شروعات 1957ع کان ڪئي. 30 نومبر 1967ع ۾ ذوالفقار علي، جي اي رحيم، ڊاڪٽر مبشر ۽ معراج محمد خان سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي. اڳتي هلي ڀٽي انهن کي نظرياتي اختلافن ۽ ٻين سببن جي ڪري پارٽي نيڪالي ڏني، پ پ جي معراج محمد خان ۽ مختيار رانا کي جيل ياترا ڪرايائين. ٽڪا خان پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري رهيو.
ڀٽو جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ آمريت جي رستي تي گامزن هو. صوبائي خودمختياري جو به منڪر ٿيو. ڪارخانا سرمايه دارن، جاگيردارن ۽ چوڌرين جي حوالي ڪيائين. ڀٽي پاپولسٽ سياست سان جاگيردارن کي بچائي ورتو. ڀوتارن کي پ پ جو پليٽ فارم مهيا ڪري، کين مچائي مواڙ ڪرڻ ذلفي ڀٽي جو اهم ڪارنامو آهي. ڀٽو جي ذهنيت جاگيردارانه هئي، سندس تربيت ايوب خان جي ڇپر هيٺ ٿي. ايوب خان سندس سياسي گُرو هو؟
آمر يحيي خان 1970ع ۾ چونڊون ڪرايون. اها پهرين عوامي چونڊ هئي. عوامي ليگ مشرقي پاڪستان مان قومي اسيمبلي جي 162 سيٽن مان 160 سيٽون کٽيون، ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي مغربي پاڪستان جي چار صوبن مان 138 سيٽن مان 81 سيٽون حاصل ڪيون. ڀٽو چونڊ نتيجن تي حيران ٿيو ۽ مجيب جي ڇھ نقطن جي مخالفت ڪيائين. ذوالفقار علي ڀٽي 1971ع ۾ عوامي ليگ جي چونڊ مينڊيٽ کي نه مڃيو. اليڪشن ۾ عوامي ليگ اڪثريت سان کٽي وئي ۽ آئيني طور حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي، پر اقتدار شيخ مجيب الرحمان حوالي نه ڪيو ويو. ان ردِ عمل ۾ اُٿيل بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ 25 مارچ 1971ع جي اڌ رات بنگالين تي آپريشن ڪيو ويو. البدر ۽ الشمس به بنگالين کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ ڪم ڪيو. 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو.
بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. ڀٽو صدر به ٿيو ۽ پوءِ 1973ع ۾ وزيراعظم ٿيو. سندس حڪمراني جو عرصو 1970ع کان 1977ع تائين آهي. ڀٽو جو اهم سياسي منشور اقتدار ئي رهيو هو. ڀٽو اسلامي سوشلزم جو حامي هو. هن 1973ع جو آئين ڏنو. 1973ع جي آئين جي تحت پاڪستان نظرياتي رياست ٿي ويو. 1977ع جي اليڪشن ۾ ڀٽي اڪثريت حاصل ڪئي، پر ڌانڌلي جو الزام هنيو ويو. ضياءَ، جولاءِ ۾ اقتدار تي قابض ٿيو. 5 جولاءِ 1977ع تي ضياءَ ذلفي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا هنئي. ڀٽو کي گرفتار ڪري، 4 اپريل 1979ع ۾ سينٽرل جيل راولپنڊي ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو. ضياءَ 1985ع ۾ محمد خان جوڻيجو کي وزيراعظم ڪيائين.
ضياءَ جينيٽيڪلي انجنيئرڊ اڳواڻ هو. افغان جهاد جو حصو ٿيو. اسلامائزيشن جي پاليسين جي حمايت ۽ 1990ع تائين صدر رهڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرايائين. هن وٽ نظريو اهو ئي هو:
ايڪ هون مسلم حرم ڪي پاسباني ڪي لئي،
نيل ڪي ساحل سي ليڪر تابه خاڪ ڪاشغر.
ضياءِ جي آمريت خلاف 1983ع ۾ جهموريت جي بحالي لاءِ تحريڪ شروع ٿي. ضياءَ جي آمريت جي دور ۾ پارٽين ۽ ڪارڪنن کاٻي ڌر جو اهم ڪردار ادا ڪندي جدوجهد ڪئي. ڀوتارن جي مفاد ۾ ايم آر ڊي بنا نتيجي ختم ٿي؟ ايم آر ڊي جي تحريڪ جي ردِ عمل ۾ مذهبي انتهاپسندي، قبائلي نسل پرستي، ڌاڙيل، هيروئن، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ جاگيرداري جهڙا رجحان پروموٽ ڪيا ويا، ( ڪجھ عنصر ون يونٽ کان وڌڻ لڳا هئا). سنڌ کي نسل، فرقي ۽ ٻولي جي بنياد تي ورهايو ويو. ٻروچ ۽ سماٽ سردار ڄڻيا ويا. جمهوري رجحانن، قومي حقن ۽ قومپرستي خلاف ايم ڪيو ايم جهڙيون فاشسٽ تنظيمون وجود ۾ آنديون ويون ته جيئن نظرياتي حامي ٺاهي سگهجن. ضياءَ جو دور قدامت پسند آمريت جو دور آهي. هي پاڪستان جي تاريخ جو مها رجعت پسند ڊڪٽيٽر هو، ان جي اقتدار ۾ آمد سان هڪ نئين رجعتي دور جو آغاز ٿيو هو. آگسٽ 1988ع ۾ ضياءَ جي جهاز ۾انبن جي پيتي ۾ رکيل بم ڦاٽو، ۽ اک نه ڏٺو گوڏي کي.
ضياءَ جي پرلوڪ پرواز کانپوءِ چونڊون ٿيون. بينظير ڀٽو 1988ع ۾ وزير اعظم ٿي، غلام اسحاق خان صدر ٿيو. اڳتي هلي، 1990ع ۾ ڪرپشن جي الزام تحت بينظير جي پهرين حڪومت اسحاق خان ختم ڪئي. وري اليڪشن ٿي، نواز شريف ۽ اسلامڪ ڊيموڪريٽڪ الائنس کٽي آيا. ملڪ ۾ نجڪاري جو عمل شروع ٿيو. نواز ليگ پنجاب جي سرمايه دارن جي پارٽي آهي، جنهن جو منشور ڪاروباري ڪلاس جي مفادن ۾ آهي. نواز شريف جو پهريون دور 1990ع کان 1993ع تائين رهيو. نواز شريف جي پالنا ۽ پرورش ضياءَ ڪئي هئي. بينظير ڀٽو ٻيو ڀيرو 1993ع کان 1996ع تائين رهي. 1993ع ۾ بينظير وزير اعظم ٿي، ۽ فاروق احمد لغاري صدر ٿيو، جنهن بينظير حڪومت معطل ڪئي. سندس دور حڪومت ۾ مرتضي ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996ع تي شهيد ڪيو ويو. نئين چونڊ ٿي، ۽ نواز شريف وزير اعظم ٿيو. فاروق لغاري استعيفي ڏني ۽ نواز شريف جو دوست محمد رفيق تارڙ صدر ٿيو. نواز شريف ٻيو ڀيرو 1997ع کان 1999ع تائين رهيو. گهڻو ڪري هر سويلين حڪومت ختم ڪرڻ جو جواز قومي سلامتي کي خطرو، ڪرپشن، نااهلي جهڙا سبب ٻڌايا ويا.
فوجي بغاوت کانپوءِ نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو. آرمي چيف پرويز مشرف آيو. نواز شريف کي جيل ياترا ڪرائي وئي، بعد ۾ سعودي عرب جو رستو ڏنو ويو. 2002ع ۾ اليڪشن ٿي. ظفر الهه خان جمالي 2004ع تائين وزيراعظم رهيو. 2004ع کان 2007ع شوڪت عزيز وزير اعظم رهيو. آڪٽوبر 2007ع پرويز مشرف وري صدر چونڊيو ويو. پرويز مشرف جي دور ۾ جمالي، شجاعت ۽ شوڪت عزيز اقتدار ۾ حصيدار ٿيا. مشرف دور ۾ 26 آگسٽ 2006ع تي اڪبر بگٽي کي قتل ڪيو ويو. (جڏهن ته بينظير ڀٽو پرويز مشرف کي پنهنجو امڪاني قاتل قرار ڏنو هو.) پرويز مشرف جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ اڳڀرائي ٿي. 12 مئي 2007ع تي ڪراچي ۾ خون جي هولي کيڏي وئي. اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري ڪراچي اچڻو هو هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪرڻو هو، پر حالتن سبب ايئرپورٽ تان ئي واپس اسلام آباد وريو. مشرف ايم ڪيو ايم کي ٺيڪ ٺاڪ ٽيڪو ڏنو هو.
27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو. 2008ع ۾ چونڊون ٿيون. يوسف رضا گيلاني وزيراعظم ۽ آصف علي زرداري صدر ٿيو. 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ رضا گيلاني کي نااهل ڪيو ۽ راجا پرويز اشرف وزيراعظم ٿيو. مئي 2013ع ۾ چونڊون ٿيون. ممنون حسين صدر ۽ نواز شريف وزيراعظم ٿيو. آگسٽ 20017ع تي ڪرپشن الزام ۾ سپريم ڪورٽ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو. جولاءِ 2018ع جي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف تبديلي جي کوکلي نعري سان ڪامياب ٿي. عمران خان وزيراعظم ۽ عارف علوي صدر ٿيو.
ٿلهي ليکي چئجي ته پاڪستان جي تاريخ جي ٻاهتر سالن ۾ 32 سال آمريت رهي ۽ باقي 40 ساله عرصو بورجوا جمهوريت جو رهيو آهي. ان پسمنظر ۾ اچو ته مختصر طور تي پوسٽ ڪالونيل سرمايه داراڻي جمهوريت جي تصور کي تاريخي طور سمجهون ۽ موجوده جمهوريت جو عقلي ڇيد ڪريون.
ڪو دور هو جو اڪثر رياستن ۾ بادشاهي نظام هوندو هو، درٻاري قبائلي قانون تحت راڄ پيا ڪندا هئا ۽ عوام لاءِ آزار بڻبا هئا. اهڙي جهنگ جي راڄ جي اوسر بعد تاريخي طور تي جمهوريت جا پيرا يوناني ۽ رومي رياستن ڏانهن وڃن ٿا، پر انگلينڊ جي 1215ع جي ڊاڪيومينٽ مگنا ڪارٽا ۾ بادشاهه جي اختيارن کي چئلينج ڪيو ويو هو، هن چارٽر ۾ قانون جي حڪمراني ۽ جاگيردارانه بُڇڙائي جي نندا ڪري، عوام کي تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي هئي. 1789ع جي فرانسيسي انقلاب کانپوءِ جمهوريت لاءِ راهون هموار ٿيون. فرانس جو انقلاب گهڻا ترقي پسند، سيڪيولر ۽ روشن خيال رجحان کڻي آيو. يورپ ۾ 17 ۽ 18 صدين کي روشن خيالي جو دور چيو وڃي ٿو، هن دور ۾ جمهوريت جي لحاظ کان هي مطالبا ٿيا ته عوام کي پنهنجا حق ( جيئن مذهبي آزادي وغيره ) ملڻ گهرجن، ۽ ڪليسا (مذهب) ۽ رياست کي الڳ ڪيو وڃي.
اڄ جديد جمهوريت ۾ بنيادي انساني حقن سان گڏ اظهار جي آزادي هوندي آهي. عوام جي زبان ۽ ذهن کي پرواز ملندي آهي. مذهبي آزادي سان گڏ جمهوري رياست لاءِ اهو به لازم آهي ته رنگ، نسل، جنس، ٻولي، مذهب جي بنياد تي تفاوت کي تقويت نه ڏئي، ۽ سماج ۾ آئيني ۽ قانوني طور ڪنهن به قسم جو فرق ۽ متڀيد محسوس نه ڪرائي. جمهوري نظام ۾ عوام کي زندگي جي هر سهولت ڏني ويندي آهي، سڀني شهرين لاءِ هڪجهڙا موقعا هوندا آهن،( پر برابري ۽ آزادي جون ڳالهيون ڪرڻ سان رياست يا سماج جمهوري نٿو ٿئي.) عوام جو تحفظ رياست جي ذميواري هوندي آهي. اقليت ۽ اڪثريت وارو تفاوت ختم ڪيو ويندو آهي. آئين ۽ قانون جي پاسداري جمهوريت جو بنياد هوندي آهي. شفاف اليڪشن کانپوءِ عوامي نمائندا عوام جي ترقي لاءِ ڪم ڪندا آهن. ائين جمهوريت ۾ اقتداري هڪ هٽي بند ٿي ويندي آهي ۽ عوام ووٽ سان طاقت جو سرچشمو بنجي ويندو آهي. انهن نقطن ۾ ٿلهي ليکي اهو ثابت ٿيو ته صرف سيڪيولر رياست ئي جمهوري رياست ٿي سگهي ٿي، ٻيو ته جاگيرداراڻي ۽ سرمايه داراڻي سماج ۾ جمهوري نظام قطعي ممڪن ڪونهي.
تاريخي تناظر ۾ ڏسجي ته آزادي کان اڳ ڪيترن ئي سالن کان جواهر لال نهرو جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي لينڊ رفارمس تي ڪم ڪري رهي هئي. سنڌ ۽ پنجاب جي ميرن، پيرن ۽ جاگيردارن کي پتو پئجي ويو ته نهرو انهن جون جاگيرون ٽوڙي، بي زمين هارين ۾ زمينون ورهائي ڇڏيندو، ان ڪري مسلمان جاگيردارن، خاص ڪري پنجابين مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ڪئي. انهن ڄاڻي ورتو ته پاڪستان جي رياست ۾ هو طبقاتي مفادن جو تحفظ ڪري سگهندا، ۽ انهن کي خطرو هو ته نهرو جي سوچ پٽاندر ڪانگريس زرعي سڌارا آڻيندي، نتيجي ۾ انهن جون جاگيرون بچي نه سگهنديون. (چٽاگانگ بنگال جو ٻڌ قبائلي سردار ترديو راءِ ۽ امرڪوٽ سنڌ جي راڻا چندر سنگهه جي وڏن کي به پنهنجيون جاگيرون وڃڻ جو خوف هو؟ ڇا اهي به جاگيرون ٽوڙڻ جي خوف ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا هئا؟) هندوستان ۾ نهرو جي سوشلسٽ سوچ وڏي ليول تي زرعي سڌارا آڻي جاگيرون ٽوڙي ڇڏيون، جڏهن ته پاڪستان ۾ ايوب خان ۽ ذلفي ڀٽي جي دور ۾ زرعي سڌارن جو ڪم ٿيو، پر جاگيردار پنهنجن رشتيدارن جي نالي کاتا ٺهرائي زمينون بچائي ويا. (نهرو ۽ امبيڊڪر جي ترقي پسند سياسي ليگيسي کي سنڌائتو ڌڪ بي جي پي هنيو آهي. هندو انتهاپسند تنظيمون جهڙوڪ هندو وِشوا پريشد، بجرنگ دل ۽ راشٽريه سوائم شيوڪ سنگهه جي مٿين سياسي شڪل جو نالو مودي سرڪار آهي، جيڪا بنيادپرستي جو پرتوو آهي. بي جي پي ۽ هندوستان جو سيڪيولر آئين هڪ ٻي سان ٽڪراءُ ۾ آهن.)
آزادي کانپوءِ نوآبادياتي ورثي کي جاري رکيو ويو. اتهاس ٻڌائي ٿو ته چوڌري، پير، جاگيردار ۽ سردار مفادن ۽ مراعتن لاءِ طاقتور سرپرستي قبول ڪندا رهيا آهن. جاگيردارن، سردارن، ۽ پيرن هر دور ۾ پنهنجيون وفاداريون تبديل ڪيون آهن. انگريزن جي ڪالونيل دور ۾ به انهن جاگيرون ورتيون ۽ جاوا ڪيا. جواهر لعل نهرو پنهنجي ڌيءَ اندرا ڏانهن لکيل خطن واري ڪتاب Glimpses of World History ۾ جاگيرداري جي باري ۾ لکيو آهي، جنهن جو ٿلهي ليکي مفهوم هي آهي ته: انگريزن جي اچڻ کان اڳ جاگيرداري آخري پساهن ۾ هئي، پر انگريزن ان کي جياريو. جاگيرداري جي حمايت ڪئي، جاگيردار پيدا ڪيا ۽ مضبوط ڪيا.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اڪثر پارٽين فيوڊل سرمايه دارن کي ڀرتي پئي ڪيو آهي. اهي پارٽيون جمهوري تبديلي جي بجاءِ دراصل اقتدار جون حامي رهيون آهن. هي فيوڊل سرمائيدار اقتدار جا حامي آهن. هنن جون وفاداريون صرف اقتدار لاءِ آهن. هي خاندان جي بنياد تي اصل اقتدار ڌڻين سان وچن وفا ڪن ٿا ته جيئن دولت ۽ طاقت جي بنياد تي سماج ۾ رعب ۽ دٻدٻو رکي سگهجي ۽ مراعتن جي بدلي ۾ ٺٺ ڪري سگهجن. حقيقت ۾ ڏسجي ته بورجوا طبقو راڄ يا حڪومت ڪري ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ جمهوريت نه سڏبو آهي. بورجوا جمهوريت ۾ حاڪم اقليت ۾ ۽ محڪوم اڪثريت ۾ هوندا آهن.
جاگيردارن ۽ سرمايه دارن جي خانداني بادشاهت پاڪستاني جمهوريت جي اهم خاصيت آهي. اهڙي رجحان جا حامي فرد پارليامينٽ ۾ عوام جي حقن جي قانون سازي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندا آهن. چاهي اهي ڪهڙي به پارٽي ۾ هجن، پر انهن جو خانداني تعلق هڪ ٻي کي اقتدار ۾ حصيدار بڻائي ٿو. جاگيردار ۽ سرمايد دار طبقي جا پنهنجا مفاد آهن، اهي عوام جا حق بخشرائي، اقتدار چاهين ٿا. چاهي آمريت هُجي يا نام نهاد جمهوريت، پر هي اقتداري ڌُر جو ساٿ ڏين ٿا ۽ اُڀرندڙ سج جي سلامي ڪن ٿا. هنن وٽ سياسي اصول ۽ اخلاقيات فقط ڪرسي آهي. بورجوا جمهوريت عوام لاءِ آمريت آهي. جمهوري سوال کي طبقاتي سوال سان ڳنڍڻ اهم آهي. سماج ۾ تضاد ڪهڙا آهن؟ تضادن جو توڙ ڪهڙو آهي؟
سنڌ ۾ صنعتڪاري بدران جاگيرداري کي جياريو ويو. تاريخ پڙهي ڏسو ته گهڻي ڀاڱي 1937ع، 1946ع ۽ 1954ع جي چونڊن کان 2018ع جي چونڊن تائين اهي ساڳيا خاندان ۽ ساڳيون پيڙهيون عوام جي مٿي ۾ لڳل آهن. جاگيردارن جي خانداني سياست جمهوريت جي نفي آهي. اهي خانداني حيثيت ذريعي بانور ڪرائين ٿا ته انهن کي ئي اقتدار ۾ رهڻ جو حق آهي. هي خانداني ماڻهو ئي شرافت ۽ پاڪبازي جا پُتلا آهن. انهن جي نظر ۾ عوام اضافي آهي، بوج آهي، گنهگار آهي. خوشامدڙيا ۽ موقعي پرست انهن شريفن ۽ پاڪبازن کان مفاد ماڻين ٿا. اهي قبائلي ذهنيت رکندڙ چونڊيل نمائندا رياستي ادارن کي پنهنجي اقتدار جي ڊيگھ ۽ ويڪر لاءِ استعمال ڪن ٿا. آمريت جي هر دور ۾ ترقي پسند سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سرعام ڪوڙا کاڌا، جيل ياترائون ڪيون، جلاوطن ٿيا، پر انهن جي جدوجهد جو فائدو جاگيردارن ۽ سرمايه دارن کي ٿيو، اهي جيڪي جدوجهد جي سڄي پراسز (عمل) ۾ نه هئا، پر مسند تي براجمان ٿي، ڪرپشن ذريعي ذاتي ملڪيت ۾ اضافو ڪندا رهيا.
جمهوريت ۽ موروثي خانداني سياست هڪ ٻي جو تضاد آهن. ساڄي ڌر جي سياسي پارٽين جو وڏو تعارف ڪجھ خاندان آهن، جيڪي دولت ۽ طاقت سان اليڪشن کٽين ٿا. انهي غيرجمهوري ماحول ۾ جاگيردار ۽ سرمايه دار پورهيت عوام جو آساني سان استحصال ڪن ٿا. هي اقتدار پسند سياسي پارٽيون منافع بخش ڪارپوريشنس ٿي پيون آهن. جاگيردار ۽ سرمايه دار طبقي جمهوريت جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي آهي. جبري طور نڪاح ڪرڻ کي پيار جو پرڻو نه چئبو.
جاگيردار اصل آقائن جي مشينري ۽ مدد سان اليڪشن کٽيندا آهن. ان ڪري انهن جي سياسي پارٽين جو اقتدار کانسواءِ ڪو خاص منشور نه آهي. انهن پارٽي منشور ۾ سيڪيولرازم ۽ انسان دوستي جون شقون ئي ختم ڪري ڇڏيون آهن. انهن جا مول متا رجعتي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا. هاڻ هڪ مذهبي پارٽي ۽ اقتدار پرست پارٽي ( پ پ، ن ليگ، پي ٽي آءِ وغيره) ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي. بيروڪريسي هر اقتداري ڌر سان وفادار هوندي آهي.
فيوڊل سرمايه دار هر دور ۾ اختيارن کي ذاتي، نسلي ۽ پارٽي جي بنيادن تي سندن مفاد لاءِ استعمال پئي ڪيو آهي. جمهوريت لاءِ پورهيت طبقي کي اقتدار ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي، جڏهن ته هتي صرف جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو اقتدار جي مسند تي هميشه براجمان رهيو آهي. جاگيردارانه جمهوريت ۾ سياست جي اخلاقيات جاگيردار طئه ڪندا رهيا آهن. ماڻهو ويتر طبقن ۾ تقسيم ٿيندا رهيا آهن ۽ هر قسم جا ويڇا وڌندا رهيا آهن. دراصل طبقاتي بيهڪ ۾ جمهوريتIdentical ئي ناهي، جاگيردارانه ۽ سرمايه دارانه نظام ۾ غريب پورهيت عوام جو ئي معاشي ۽ سماجي استحصال ٿئي ٿو، سندن رت، هڏڙن ۽ ماس تي انهن جو جياپو منحصر هجي ٿو. اليڪشن کانپوءِ هتي گهڻو ڪري ايئن ٿيو آهي جو ڪجهه ماڻهن وٽ اختيار اَچي ويندا آهن، ۽ اِهي اڪثريت رکندڙ عوام لاءِ آزار بڻجي ويندا آهن. برٽرنڊ رسل چيو هو ته ” جمهوريت ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن کي لُٽڻ جي آزادي هوندي آهي ۽ مزدورن کي بک مرڻ جي آزادي هوندي آهي.“ جاگيردارانه نظام ۾ انساني حق، عزت ۽ سماجي برابري، جو تصور فوت ٿي وڃي ٿو. ڇو ته اهو نظام طاقت ۽ تشدد تي بيٺل هجي ٿو. هي ادارن تي قابض ٿي، خوشامد، رشوت ۽ سفارش جي بازار گرم ڪندا آهن. عدالتون ۽ پوليس هٿ وس ڪري، رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ايئن اهي ڏوهارين جي به سرپرستي به ڪندا آهن. اصل ۾ هي پير وڏيرا عوامي شعور ۽ سجاڳي کان ڊنل آهن.
جمهوريت ۾ رنگ، نسل، مذهب، ٻولي، جنس وغيره جي فرق بغير هر شهري کي برابر موقعا هوندا آهن، پر بورجوا جمهوريت جي راڄ ۾ گنگا کي اُلٽو وهايو وڃي ٿو، مثال طور عورتون ۽ مذهبي اقليت جي مخصوص سيٽن تي جيڪي فرد اچن ٿا، اُهي به پٺتي پيل علائقي ۽ پيڙهيل طبقي جي نمائندگي نٿا ڪن، اهي سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي مان کنيا وڃن ٿا. ( اقليتن جو پهريون ۽ آخري حقيقي نمائندو پاڪستان جي پهرين ڪابينا ۾ قانون ۽ انصاف جو وزير جوگندر ناٿ منڊل هو، جيڪو امبيڊڪر جو نظرياتي دوست هو. جناح صاحب پاڪستان جي شروعاتي بحراني دور ۾ منڊل کان قانون سازي لاءِ مدد گهري هئي. 3 جون 1947ع تي وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن بنگال کي ٻن حصن ۾ ورهايو، ۽ منڊل پاڪستان جي حمايت ڪئي. 8 آڪٽومبر 1950ع ۾ وزير اعظم لياقت علي خان کي طويل خط لکي استيعفي ڏني، اهو هڪ تاريخي ڊاڪيومينٽ آهي، جنهن ۾ هو استيعفي جي سببن جي وضاحت ڪري ٿو.) تنهنڪري اِقتدار جي منصفانه وِرڇ واري ڳالهه (جيڪا جمهوريت جي تقاضا پوري ڪري ٿي) تي ڪاري ضرب لڳي وڃي ٿي. ائين ترقي جي ڊوڙ ۾ اهي گروهه محروم ٿي وڃن ٿا، جن وٽ ڏيڻ لاءِ رڳو ووٽ آهن ۽ وڃائڻ لاءِ سڀ ڪجھ آهي. اهو ئي سبب آهي جو پوئتي پيل هيڻن طبقن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالت زوال پزيري ڏانهن وڌندي رهي آهي. ۽ بورجوا طبقو سياسي، سماجي، ۽ معاشي طور سگهارو ٿيندو رهيو آهي. هتي جمهوريت جو مطلب عوام تي ڪنٽرول آهي.
زرعي سماج ۾ عوامي تحريڪ ۽ عوام دوست سوچ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هي عوام جي احتجاج ۽ مزاحمت کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هر عوامي سياسي جدوجهد کي ڪُچلڻ جمهوريت آهي؟ جمهوريت ذريعي سرپرستي ڪئي وڃي ٿي. اصل ۾ نوڪري ۽ نلڪي جهڙن هٿڪنڊن سان هن نظام کي برقرار رکيو ويندو آهي. هي عوام کي ٿورو رليف ڏئي ڄڻ ته احسان پيا ڪن. هي ڀوتار ناانصافي تي ٻڌل سماج جي اڏاوت کي تيز ڪندا آهن، جن جي منزل اليڪشن هوندي آهي. بک جي ماريل عوام جي محنت جي ڪمائي کي ٽيڪس ذريعي ڦري، موٽ ۾ موت ڏني وڃي ٿي. حڪمران ڪلاس خزاني کي عياشين لاءِ استعمال ڪري ٿو. موجوده سماجي بيهڪ ۾ ووٽر جي ڪا اهميت ڪونهي، ان جي معاشي ۽ سماجي حالت سڌرڻ بجاءِ خراب ٿيندي پئي وڃي. عوام بي وس آهي، ۽ هو نه چاهيندي به حڪمران ٽولي کي قبول ڪري ٿو. جمهوريت جي نالي بورجوازي آمريت، پورهيت دوست جمهوريت جي نفي آهي.
ساڄي ڌر جي اقتدار پرست پارٽين جي تنظيم سازي غير جمهوري آهي، سياسي پارٽيون ڪجھ خاندانن جو موروثي جاگيرون آهن، جيئن ن ليگ شريف خاندان ۽ پ پ آصف زرداري جي جاگير آهن، باقي ٻيا سڀ انهن جا ڪٺ پتلا آهن. انهن پارٽين جو ڪو به نظريو ۽ منشور نه آهي، پر جواري جوا کيڏين ٿا. باقي ڪجھ ته سياسي پارٽين جي نالي مقدس پيراڻيون گاديون آهن، جن تي تنقيد ڪرڻ ممنوع آهي. سماجي انصاف ۽ اشرافيه جي ڪردار کي گهٽائڻ لاءِ لينڊ رفارم ڪري جاگيرون ٽوڙيون وڃن، ۽ سياسي پارٽين ۾ سرمايه دارن، پيرن ۽ جاگيردارن جي ڪردار کي گهٽايو وڃي. وڌندڙ آبادي جي تناظر ۾ زميني سڌارا آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. زميني سڌارا نه ڪيا ويا ته گهڻي آبادي بک ۽ غربت سبب پنهنجو وجود بچائي نه سگهندي. هڪ قوم ۾ وڏو تضاد طبقاتي تضاد هجي ٿو.
جمهوريت ۾ قومي، طبقاتي، صنفي ۽ سامراجي تضاد موجود هوندا آهن. قومي، طبقاتي ۽ جمهوري سوال کي گڏ کڻڻ جي ضرورت آهي. مرڪز ۽ صوبن جي سوشل ڪانٽريڪٽ کي روائيز ڪري جمهوري وفاقي مرڪز لاءِ صوبائي خودمختياري ڏني وڃي. 2010ع تي ارڙهين ترميم ٿي، پر عمل نه ٿيو. صوبن جي شرڪت سان مرڪز ۽ وفاقي پارلياماني نظام ڦلدائڪ ٿي سگهي ٿو. ماضي جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو تجزيو ڪرڻ ضروري آهي. ماضي مان سبق سکندي دورِ حاضر جي نئين تقاضائن سان هن رياست کي جمهوري رجحانن سان رفارم ڪري سگهجي ٿو؟
جمهوريت جا بنياد ڪهڙا آهن، ۽ ڪٿي آهن؟ ڇا پاڪستان ۾ جمهوريت ناڪام ۽ فرسوده نظام بڻجي چڪو آهي؟ آزاد منڊي رياست جو عملي نظريو آهي؟ آزادي ۽ برابري جهڙا رجحان نيولبرل معيشت ۾ به موجود آهن، ۽ بورجوا طبقي تائين محدود آهن. آزادي، برابري ۽ روشن خيالي جوپرچار ڪرڻ سان به رياست يا سماج جمهوري نٿو ٿئي. جيئن ترقي پسندي ۽ روشن خيالي بورجوازي ۾ رهي آهي، تيئن جمهوريت سامراجيت ۾ به موجود آهي. عالمي سامراج Democratization جي نڙي تي ننهن رکي ٿو. پاڪستان ۾ عوامي جمهوريت نه، پر بورجوا جمهوريت رهي آهي. بورجوا جمهوريت بورجوا طبقي لاءِ آهي. هتي بُوٽ پهرين آهي، ۽ بيلٽ تي لڳندڙ ٺپو پوءِ. بنيادي تبديلين کانسواءِ جمهوريت ممڪن ڪونهي. عوامي جمهوريت لاءِ اهم آدرش طبقاتي جدوجهد آهي. هن سرمايه دارانه ۽ جاگيردارانه مانڊاڻ سامهون پورهيت سياست ئي هن سڄي ڊسڪورس جو جواب آهي.
oad.ram@gmail.com