بيوٽي پارلر ۽ ڪرياني جا دڪان به ٽيڪس جي ڄار ۾ وچڙي پيا

اسلام آباد :- فيڊرل بورڊ آف روينيو سيلز ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ وڏن ڪرياني جي اسٽورن، بيوٽي پارلرن، بيڪري ۽ ريٽيل آئوٽ ليٽس جي انوائس مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

تفصيل موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو سيلز ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ انوائس مانيٽرنگ سسٽم جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته انوائس سسٽم جو دائرو وڏن ڪرياني جي اسٽورن ۽ بيوٽي پالرن تائين وڌايو ويندو.

ايف بي آر موجب بيڪري ۽ ريٽيل آئوٽ ليٽس ۾ به انوائس سسٽم لڳل هوندو. ڄاڻايل اسلام آباد پائلٽ پراجيڪٽ وفاقي راڄڌاني ۾ شروع ڪيو ويندو. پائلٽ پراجيڪٽ جي ڪاميابي تي سڄي ملڪ ۾ مانيٽرنگ سسٽم لڳل هوندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي: ايف بي آر

ذريعن موجب انوائس مانيٽرنگ سسٽم اپ ڊيڊ ڪري ريئل ٽائم سسٽم ۾ تبديل ڪيو ويندو، سسٽم جي لڳڻ کان پوءِ انوائسز جي ڪاپي فوري طور تي ايف بي آر کي ملي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر کي ريٽيل آئوٽ ليٽس جي اصل سيل به معلوم ٿي ويندي. سسٽم سان صارفن کان ڪٽوتي ڪيل سيلز ٽيڪس جي ڊيٽا به حاصل ٿي ويندي.

ايف بي آر موجب اسلام آباد ۾ 300 کان وڌيڪ ريسٽورنٽ ۾ اِهو سسٽم لڳايو ويو آهي.

ياد رهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) درآمدي سطح تي شين جي اگهن جي نگراني جو فيصلو ڪيو هو.

ذريعن موجب بندرگاهن، ايئرپورٽن ۽ ڊراءِ پورٽس تي ايف بي آر جون خاص ٽيمون مقرر ڪيون ويون هيون.

ذريعن جو چوڻ هو ته اهو قدم درآمدي سطح تي صحيح سيلز ٽيڪس وصولي لاءِ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪمرشل امپورٽرز ۽ فنشڊ پروڊڪٽس تي قيمت لکڻ ضروري آهي.

واضح رهي ته حڪومت ٽيڪس اسڪيم جي تحت واپارين جي لاءِ بزنس لائسنس، ننڍن دڪاندارن جي لاءِ آسان ريٽرن فارم ۽ ٻين  اسڪمين جو مسودو جاري ڪيو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو جي موجب ننڍن دڪاندارن جي لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم به مسودي جو حصو آهي.

ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته سمورا واپاري 30 سيپٽمبر 2019ع تائين پنهنجي ٽيڪس ريٽرن تجويز ڪيل اسڪيم جي تحت جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا.

ان کان سواءِ ڄاڻايل اسڪيم 5 ڪروڙ سالياني ٽرن اوور وارن واپارين جي لاءِ  هوندي ۽ اسڪيم جي تحت واپاري گذريل 5 سالن جا ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائي سگهندا.