بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي سموري ملڪيت ۽ گاڏيون ضبط ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي: دهشتگرديءَ جي انت واري خاص عدالت اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي سموري ملڪيت ۽ گاڏيون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. دهشتگرديءَ جي خاص عدالت نمبر هڪ جي جج شوڪت ڪمال ڊار بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي ملڪيت جي ضبطگي لاءِ دائر ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر خواجه امتياز آزادي مارچ جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿيو. عدالت اڳوڻي صدر جي نالي تي موجود سموري ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پرويز مشرف جا بئنڪ اڪائونٽس ۽ سندس نالي تي موجود گاڏيون به ضبط ڪرڻ جو حڪم ٻُڌايو. ايف آءِ اي بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي حتمي ۽ آخري چالان ۾ پرويز مشرف کي جوابدار نامزد ڪيو هو. دهشتگردي جي انت واري عدالت غير حاضريءَ تي اڳ ئي اڳوڻي صدر کي اشتهاري قرار ڏئي دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا. عدالت اڳوڻي صدر کان علاوه 2 سال اڳ آگسٽ ۾ ڪيس جو فيصلو ٻُڌائيندي 5 جوابدارن کي بري ڪيو هو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي 8 کان وڌيڪ بئنڪ اڪائونٽس ۽ اسلام آباد مڪران ۾ واقع ملڪيت جي ضبطگيءَ جو حڪم ٻُڌايو.