بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو کڻندڙ گريڊ 17 جي چار سرڪاري آفيسر برطرف

اسلام آباد: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو کڻندڙ گريڊ 17 جي چار سرڪاري آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو کڻندڙ سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ گريڊ 17 جا چار آفيسر برطرف ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب برطرف ڪيل سرڪاري آفيسرن ۾ نعمان ضعيم، شفيع الله، سيد فضل امين ۽ سبيل خان آهن ۽ انهن جو تعلق ايبٽ آباد ۽ ڊيره اسماعيل خان سان آهي. انهن آفيسرن پنهنجي زالن جي نالن تي سالن کان اهو وظيفو وٺي رهيا هئا. چئني آفيسرن کان 4 لک 40 هزار 196 رپيا واپس ورتا ويا آهن.