بيدرديءَ سان قتل ٿيل نينگري رمشا وساڻ جي امڙ ٻيهر منظرعام تي اچي وئي ذولفو جيل مان ڌمڪيو پيو ڏئي، گهر ۾ يرغمال بڻيل آهيون: رمشا جي امڙ خورشيد بيگم

خيرپور : 8 مهينا اڳ ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ نواب وساڻ ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ستين ڪلاس جي شاگردياڻي رمشا وساڻ جي قتل جي الزام هيٺ قيد ڪاٽيندڙ ذوالفقار وساڻ ۽ ٻين جوابدارن کي جيل انتظاميه پاران سهولتون ملڻ کانپوءِ رمشا جي امڙ ٻيهر منظر عام تي اچي وئي، پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي مقتولا رمشا وساڻ جي امڙ مسمات خورشيد بيگم ٻڌايو ته 8 مهينا اڳ منهنجي نياڻيءَ کي منهنجي سامهون گوليون هڻي ذوالفقار وساڻ ۽ سندس ساٿين بيدرديءَ سان قتل ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پوليس مختلف وقتن تي واقعي جي مک جوابدار ذوالفقار وساڻ، هدايت وساڻ، صابر وساڻ ۽ غفار وساڻ کي گرفتار ڪيو پر بااثرن جي چوڻ تي جوابدارن کي رمانڊ دوران ٿاڻي ۾ به مهمانن جهڙي خدمت ڪئي وئي، هينئر سينٽرل جيل خيرپور ۾ به جوابدارن کي هر قسم جي سهولت ڏني وئي آهي، هُن انڪشاف ڪيو ته ذوالفقار وساڻ بااثرن جو خاص ماڻهو آهي جنهن کي جيل اندر موبائل فون جي پڻ سهولت آهي، جتان هو فون ذريعي سمورو ڪاروهنوار هلائي رهيو آهي ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏياري موڪلي رهيو آهي، هن چيو ته جوابدار ذوالفقار وساڻ جيل ۾ هوندي به منهنجي، منهنجي مڙس، پٽن ۽ ڀائرن ڏانهن ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ ڌمڪيون موڪلرائي رهيو آهي، اسان جون جانيون غير محفوظ بڻجي ويون آهن، منهنجي نياڻيءَ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ گذريل اٺن مهينن کان اسان کي پنهنجي ئي گهر ۾ يرغمال بڻايو ويو آهي ۽ اهي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ته جيڪڏهن توهان گهر کان ٻاهر نڪتا ته توهان جو حشر به رمشا جهڙو ٿيندو، جوابدار ذوالفقار وساڻ جا ويجها عزيز جاويد، بشير، بهارو، الطاف، سليم، لطيف ڏنو، ارشد، امتياز ۽ الهورايو وساڻ مختلف وقتن تي اسان جي گهرن مٿان هوائي فائرنگ ڪري اسان کي ڊيڄاري ڌمڪائي رهيا آهن ته ذوالفقار وساڻ جو نالو نه کڻو. هُن اعليٰ عدالتن ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته رمشا کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث ذوالفقار وساڻ سميت سمورن جوابدارن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.