بيبي مري قتل ڪيس جو 9 مهينن کانپوءِ فيصلو: عدالت 3 جوابدارن کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو

ميرپورخاص : بيبي مري قتل ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدارن کي عدالت بري ڪري ڇڏيو، 9 مهينا اڳ پراسرار نموني جمڙائو ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿيل ڪراچي واسڻ صائمه عرف بيبي مري جي ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن اياز مري، مراد مري ۽ نادر مري کي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ بري ڪري ڇڏيو، شاگردياڻي صائمه عرف بيبي مري جيڪا ڪراچي مان ڳوٺ صديق مري پنهنجي ڀيڻ وٽ گهمڻ آئي، جيڪا واپس ڪراچي وڃڻ لاءِ موٽرسائيڪل تي سئوٽ سان گڏ سوار ٿي بس ٽرمينل وڃي رهي هئي ته جمڙائو ڪينال جي ڪپ تي مبينا سيلفي ڪڍڻ دوران پير سلپ ٿيڻ سبب ڪينال ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، افواهه هليا ته بيبي مري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي پاڻي ۾ ڦٽو ڪيو ويو. واقعي بعد ٻڏي فوت ٿيل ناري جي والد مولا بخش مري پاران ميڊيا تي اچي اهو ٻيان ڏنو ته سندس نياڻي کي پ پ تعلقي چمبڙ جي صدر رمضان جي پٽن حسين مري، دلبر ۽ بادشاهه مري قتل ڪيو آهي، ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ هو، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ٻڌڻي دوران بيبي مري کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي الزام هيٺ آيل سمورن جوابدارن کي بري ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.