بنا پلاننگ جي آبادڪاري تي ڳڻتي، ترقي جي نالي تي تباهي بند ڪريو.! ماحولياتي ماهر

حيدرآباد:- حيدرآباد ۾ ڪرٽيڪل اسٽڊي فورم طرفان “سنڌ ۾ شهرڪاري، ان جا اثر ۽ لائحه عمل” جي عنوان هيٺ ڪانفرنس منعقد، سنڌ جي سياسي سماجي اڳواڻن، ليکڪن ۽ ماحوليات جي ماهرن سنڌ اندر بغير ٽائون پلاننگ جي شهرڪاري ڪرڻ، زرعي زمينون سرمائيدارن حوالي ڪري ڳوٺن، قبرستانن ۽ تاريخي ماڳن کي مسمار ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظها ڪندي چيو آهي ته بحريا ٽائون ۽ اينگرو ڪمپني جي نالي تي سنڌ جي ڳوٺن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، رياست سرمائيدار ڪمپنين سان گڏجي ڪمائي شروع ڪئي ۽ بغير ڪنهن ٽائون پلاننگ جي آبادڪاري ۾ اضافو ڪيو ويو، شهرن جي تيزي سان وڌڻ جي ڪري ماحولياتي ۽ ثقافتي نقصان ٿيو، اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڪرٽيڪل اسٽڊي فورم طرفان “سنڌ ۾ شهرڪاري، ان جا اثر ۽ لائحه عمل” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ جڏهن وڏي کان وڏو شهر جڙي تيار ٿيو ته ورهاڱي کانپوءِ اصولي آبادي جي اتان لڏپلاڻ ٿي ۽ ٻاهرين اچڻ کانپوءِ سنڌي ماڻهن سمجهيو ته ڪراچي اسان کان کسجي ويو، سنڌ ورهائجي ويندي. هن چيو ته 90ع واري ڏهاڪي کان مجموعي طور تي سياسي تحريڪ رهي ته ڪراچي کي ڪيئن واپس ڪجي ۽ اهڙي قسم جا نعرا به تشڪيل ڏنا ويا ته ڪراچي ڪنهن جي سنڌين جي، 90ع کانپوءِ مختلف قدرتي آفتن کانپوءِ سنڌي ماڻهن ڪراچي سميت وڏن شهرن ڏانهن اچڻ شروع ڪيو ۽ شهرن کي اپنائڻ شروع ڪيو، جڏهن ته رياست سرمائيدار ڪمپنين سان گڏجي ڪمائي شروع ڪئي ۽ بغير ڪنهن ٽائون پلاننگ جي آبادڪاري ۾ اضافو ٿيندو ويو.   نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻ ناصر منصور چيو ته پاڪستان جو وجود جنهن وقت آيو ته ڪراچي جي آبادي 4 لک هئي ۽ زوري اتي 6 لک ماڻهن کي آباد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪراچي شهر جو وايو منڊل ئي تبديل ٿي ويو ۽ هڪ سازش تحت ڪراچي کي ملڪ جي گادي جو هنڌ بڻائي ٻين صوبن جي ماڻهن کي آباد ڪيو ويو ۽ نتيجي طور ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ دوران ڪراچي شهر مان ون يونٽ جا حمايتي به نڪتا. هن چيو ته بدليا فيڪٽري سانحي ۾ 90 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو سڙي مئا هئا، اهڙي واقعي خلاف اسان آواز اٿاريو ته ڪراچي جي ماڻهن اسان جي طرف اچڻ شروع ڪيو. گل حسن ڪلمتي، پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار لغاري، مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر الطاف سيال،مسرور شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.