بلوچستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، چمن ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون لڙهي ويون

سبي :- بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به برسات جون تباهڪاريون، چمن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي ڪيتريون ئي گاڏيون لوڙهي ويو، مولا درياءَ جو پاڻي گنداواهه جي نديءَ ۾ داخل ٿيڻ بعد گهارو، پاڻي ڀرپاسي جي آباديءَ ۾ داخل، بولان ڀرسان ناڙي درياءِ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو وهڪرو رڪارڊ، ڪوئيٽا کان سبي ويندڙ روڊ پاڻي هيٺ اچڻ بعد ٽريفڪ معطل، برسات متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج ۽ مقامي انتظاميا جي ٽيمن طرفان ريسڪيو آپريشن جاري آهي