بلوچستان سرڪار پي ٽي ايم اڳواڻ محسن داوڙ ۽ علي وزير تي صوبائي حدن ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد : بلوچستان حڪومت پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻن محسن داوڙ ۽ علي وزير مٿان 90 ڏينهن لاءِ بلوچستان جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. محسن داوڙ کي ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي روڪي کيس واپس موڪليو ويو. محسن داوڙ جو چوڻ آهي ته اهڙن حربن سان کين جهڪائي نٿو سگهجي.