بلوچستان جي ڪچلاڪ واري علائقي ۾ مسجد اندر ڌماڪو 4 ڄڻا شهيد

ڪوئيٽا :- بلوچستان جي ڪچلاڪ واري علائقي ۾ مسجد اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا شهيد ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڪچلاڪ جي علائقي ڪلي قاسم جي مسجد اندر ڌماڪو ٿيو، جنهن نتيجي ۾ 4 ڄڻا شهيد ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن پهچي شهيدن جا لاش توڙي زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو آهي. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمين مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري جاني نقصان ۾ واڌ جو خدشو آهي. پوليس ذريعن جو چو آهي ته ڌماڪو بارودي مواد سان ڪيو ويو، جيڪو مسجد اندر نصب ڪيو ويو هو.