بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل سماجي اڳواڻ گرداس عرف گرل مل جو مڙهه باڊهه پهتو، علائقي ۾ سوڳ

باڊھ :- بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ دهشت گردن هٿان قتل ٿيل باڊھ واسي هندو واپاري ۽ سماجي اڳواڻ گرداس عرف گرل مل جو مڙھ جڏھن 18 ڪلاڪن کان پوء باڊھ پهتو ته شھر ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ هندو برادري پاران ڏ ک ۾ پنهنجو ڪاروبار بند رکيو گرل جون آخري رسمون ۽ سندس اگني سنسڪار باڊھ ۾ ادا ڪيون ويون  آخري رسمن ۾ شھر جي سياسي سماجي ڌرين شھرين ۽ مختلف شھرن کان آيل هندو برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي  ٻڌايو پيو وڃي ته گرل داس باڊھ ڪاروبار ۾ نقصان ٿيڻ بعد هئو ڪجھ سالن کان گوادر ۾ اتان جي مقامي بلوچ سان پارٽنر تحت هڪ وائين شاپ کوليو هو هو معمول موجب رات جو پوڻين  ڏھين بجي دڪان تي حساب ڪرڻ وڃي رهيو هئو ته دڪان آڏو اڳ ۾ تاڙ ۾ ويٺل دهشت گردن کيس ٽار گيٽ ڪري گوليو هيون جنهن ڪري گرل موقعي تي ئي مارجي ويو ۽ دهشت گرد موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿي ويا جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هئو گرل داس بابت چيو  پيو وڃي ته هئو هڪ رحم دل انسان هئو ۽ پٺتي پيل خاص ڪري ٿر جي علائقن غريب ٻارڙن جي پڙھائي ۾ دلچسپي رکندو هئو ۽ انهن کي  ڪتاب  ۽ يونيفارم پنهنجي گهران پئيسا خرچ وٺي ڏيندو هئو ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجھ سال اڳ باڊھ نامعلوم جوابدارن سندس ڏاڏي سيٺ تلجو مل کي مغز ۾ وزندار شي سان ڌڪ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هئو ۽ ڪجھ عرصي کان پوء وري سندس والد ٽائون ڪاميٽي باڊھ جو ڪائونسلر ۽ سماجي اڳواڻ ڪامريڊ تيرٿ مل جيڪو شھر جو هر دل عزيز شخص سان گڏ غريبن جو هڏ ڏوکي طور مشھور کي سر عام وچ شھر ۾ گوليون هڻي بي گناه قتل ڪيو هئو جنهن جا قاتل هن وقت تائين نه گرفتار ٿيا نه ئي وري ظاهر ٿيا.01