بلوچستان جي علائقي چمن ۾ ڌماڪو ٻه ڄڻا مارجي ويا

چمن:  بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله جي علائقي چمن ۾ ڌماڪو ٿيو آهي جنهن سبب ڌماڪي ۾ 2 شخص مارجي ويا جڏهن ته 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن.

ڌماڪي سبب ويجهن جڳهين جا شيشا ڀڄي پيا ۽ جي يو آءِ(ف) جو اڳواڻ مولانا محمد حنيف زخمي ٿي پيو. پوليس موجب بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله جي علائقي چمن ۾ ڌماڪو ٿيو. ڌماڪيدار مواد موٽرسائيڪل ۾ لڳل هو، ڌماڪي سبب هڪ گاڏي کي به نقصان پهتو.

ان ڌماڪي جو نشانو جي يو آءِ(ف) جو اڳواڻ مولانا محمد هو جيڪو زخمي ٿي پيو آهي. رپورٽ موجب ڌماڪي کان فورن بعد ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن ۽ 8 زخمين کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

هوڏانهن سيڪيورٽي فورس علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.