بلوچستان جي علائقي چاغي مان 30 اگست 2016 کان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي لاش هٿ

بلوچستان جي علائقي چاغي مان 4 سال اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان حفيظ الله محمد حسني جي 3 سال پراڻي لاش چاغي جي علائقي دالبندين واري جاءِ تي موصول ٿي، جنهن تي وارثن سڃاڻپ ڪندي چيو ته اسان لاش کي ڪپڙن تي لڳل دڪان جي ٽيگ تان سڃاتو جتان حفيظ الله ڪپڙا سبرائيندو هو، وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 4 سال اڳ گهر مٿان قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ميجر چڙهائي ڪري حفيظ االله محمد حسني کي کنڀي ويا هئا، جنهن بعد ميجر حفيظ الله جي بازيابي لاءِ ڳري رشوت طلب ڪئي ، حفيظ الله جي ڀاءٌ نعمت الله جي چوڻ مطابق اسان پنهنجي گهر جو سڀ ڪجهه وڪڻي 68 لک ميجر کي ڏنا جنهن تي اسان سمجهيو هاڻي حفيظ الله محمد حسني کي آزاد ڪيو ويندو، پر ائين نه ٿيو، جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي اداري سان رابطو ڪيو تنهن تي آءِ ايس پي آر  اداري 2019 ۾ ميجر کي سزا ڏئي ڪورٽ مارشل ڪري ڇڏيو، حفيظ الله محمد حسني هاري هيو جيڪو پنهنجي ٽيوب ويل تي ڪم ڪندو هو ، ڊاڪٽر جي مطابق حفيظ الله کي 3 گوليون سيني تي لڳايون ويون جڏهن ته هڪ گولي ٽنگ ۾ هنئي وئي هئي، وڌيڪ وارثن لاش جي سڃاڻپ ڪرڻ کانپوءِ بغير ڊي اين ٽيسٽ ڪرائڻ جي لاش ساڻ کڻي ويا