بلوچستان جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ هاڻي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيارآهيون، بلوچ نوجوان هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿين: آصف زرداري

ڪراچي :- اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته بلوچستان کان معافي وٺي ڪو ذاتي ڏوهه نه ڪيو، وفاق بلوچستان جي معاملي ۾ گهڻو محتاط رهي، اڪبر بگٽي جهڙو واقعو ٻيهر پيش آيو ته رياست لاءِ حالتون سنڀالڻ ڏکيو ٿي ويندو، پيپلز پارٽي بلوچستان جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ هاڻي به ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شرط آهي ته بلوچ نوجوان هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿين، وفاق به احتياط سان ڪم ڪري، قمر زمان ڪائره ۽ چوڌري منظور سان فون تي رابطي دوران آصف زرداري چيو ته اختر مينگل پارليامينٽ جو حصو آهي، تڏهن ساڻس ڳالهائي رهيا آهيون، پنجاب ۾ جيالا متحد رهن، سٺو وقت اچڻ وارو آهي، حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو بحرانن کي سنگين بڻائي رهيا آهن.