بلديا فيڪٽري سانحي ۾ سوين ماڻهن کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڏوهه ۾ متحده اڳواڻ رئوف صديقي سوڌو 4 جوابدار آجا قرار

ڪراچي : بلديا فيڪٽري سانحي ۾ سوين ماڻهن کي باهه ڏئي ساڙڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار زبير چريا ۽ رحمان ڀولا کي ڦاهيءَ جي سزا، متحده اڳواڻ رئوف صديقي سوڌو 4 جوابدار ثبوت نه ملڻ تي آجا قرار ڏنا ويا، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، بري قرار ڏنل جوابدارن ۾ اديب خانم، علي حسن قادري ۽عبدالستار شامل، دهشتگردي ٽوڙ عدالت سهولتڪاري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي وڌيڪ چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 11 سيپٽمبر 2012ع تي بلديا واري علائقي ۾ فيڪٽري کي باهه ڏئي 260 ماڻهن کي ساڙي ماريو ويو هو